Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_h55mjco88tucg6gpr0072i06gl, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... پيٽرول سستو نه ڪرڻ تي عوام حڪومت مان مايوس: مهانگائي خلاف روڊن تي اچڻ جو چتاءُ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟... پيٽرول سستو نه ڪرڻ تي عوام حڪومت مان مايوس: مهانگائي خلاف روڊن تي اچڻ جو چتاءُ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… پيٽرول سستو نه ڪرڻ تي عوام حڪومت مان مايوس: مهانگائي خلاف روڊن تي اچڻ جو چتاءُ

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت عوام کي رليف نه ڏنو، پيٽرول سستو ڪرڻ جي تجويز رد ڪرڻ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومت پاران پيٽرول جي قيمتن ۾ لاٿ واري سمري رد ڪرڻ عوام سان ظلم آهي، ملڪ ۾ هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي، حڪومت کي گھرجي ته تيل جي قيمتن ۾ لاٿ ڪري عوام کي رليف ڏئي، ائين نه ٿئي جو مھانگائي خلاف عوام روڊن تي نڪري اچي، عوام پاران حڪومت مان مايوسي جو اظهار پڻ ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته وفاقي حڪومت عوام جي اميدن تي پوري ناهي لٿي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي بابر وساڻ لکيو ته وفاقي حڪومتن هميشه عوام مٿان مهانگائي جا بم ڪيرايا آهن پر عمران حڪومت سڀني جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، خادم گهراڻو لکيو ته عوام کي رليف ڪڏهن مليو آهي؟ حڪومت بجلي گيس دوائون مهانگيون ڪيون، گل حسن شر لکيو ته ھن حڪومت مان اميد رکڻ اجائي آهي، سارنگ منير سومرو لکيو ته پي ٽي آءِ سرڪار جي سڃاڻپ ئي رليف کسڻ ٿي وئي آهي، جاويد هڪڙو لکيو ته حڪومت عوام کي فائدو نه پئي ڏئي، علي حسن چڍڙ لکيو ته موجوده حڪومت ته هميشه عوام مٿان مهانگائي جا بم ڪيرايا آهن جڏهن پيٽرول گهٽ واري سمري اڳيان وئي ان کي رد ڪيو ويو ۽ گئس بجلي کي وڌايو ويو آهي جيڪو افسوس جوڳو عمل آهي، يارمحمد هوت لکيو ته پيٽرول گهٽ ڪرڻ واري سمري کي رد ڪري موجوده حڪومت عوام سان ظلم ڪيو آھي، مهانگائي جي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، وحيد ڄامڙو لکيو ته حڪومت کي گھرجي ته تيل جي قميتن ۾ لاٿ ڪري عوام کي رليف ڏئي، ائين نه ٿئي جو مھانگائي خلاف عوام روڊن تي نڪري اچي، اويس سنياسي لکيو ته توهان ڪهڙي رليف جي ڳالھه پيا ڪريو، هن حڪومت سدائين مهانگائي وڌائي آهي، عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي. الهڏنو راهمون لکيو ته حڪمرانن کي پنھنجن ذاتي مفادن کان هٽي ڪري عوام جي ڀلائي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، مهراڻ کوسو لکيو ته پيٽرول سستو ڪرڻ سان وري ذخيرو ڪرڻ وارا پئٽرول بحران پيدا ڪن ھا، زوهيب تمراڻي لکيو ته حڪومت جا ھن مھل تائين ڪيل سمورا فيصلا عوام دشمن فيصلا ثابت ٿيا آهن حڪومت مان عوام کي ڪو به فائدو ته نه پھتو، ايئن ٿو لڳي ته حڪومت جيستائين مدو پورو ڪندي ايتري وقت ۾ ڪيترائي پاڪستاني غربت بک بدحالي سبب خودڪشيون ڪري مري ويندا. اسدالله هنڱورجو لکيو ته انهن مان اميد رکڻ يعني ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي، وقاص ياسين لکيو ته مهانگائي وڌي وئي آهي، حڪومت ڪو به رليف ناهي ڏنو، عارف حسين لکيو ته پيٽرول وڌائڻ جو ھجي ها ته گورنمينٽ اکيون بند ڪري سمري منظور ڪري ڇڏي ها پر پيٽرول سستو ڪرڻ هو ته سمري رد ڪري ڇڏي، سڪيش ڪمار لکيو ته حڪومت جون سموريون پاليسيون عوام دشمن آهن هن حڪومت کان رليف گھرڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر آهي، حنيف رضا لکيو ته پئٽرول جي قيمتون عالمي مارڪيٽ جي مطابق ڪرڻ کپن اگر هاڻي به وفاقي حڪومت عوام کي ڪو رليف نه ڏنو ته سندس نتيجا ڀوڳڻا پوندا عوام مان برداشت ختم ٿيندي پئي وڃي، حبيب الله جمالي لکيو ته هن حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي، سليم اختر لکيو ته سمري مطابق پيٽرول 2 رپيا سستو ٿيڻو هو پر اگهه برقرار رکيو ويو، خواجه صدام لکيو ته ھي حڪومت نااھل غريب دشمن حڪومت آھي، مهراڻ مل ميگهواڙ لکيو ته جڏھن تيل جون قيمتون وڌن ٿيون ته 20-30 رپيا ليٽر مھانگو ڪن ٿا جڏھن سستو ڪن ٿا ته 20 پيسا 50 پيسا ؟ حڪومت کي گھرجي تيل مافيا کي ٻنجو ڏئي، محمد حسين لکيو ته حڪومت عوام کي خودڪشي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آھي، صدام گوپانگ لکيو ته انڌن اڳيان رئڻ اکين جو زيان آهي، محبتي مڪيش، اسلم چانڊيو، بادل ڀيل، شبير سهتو، حاجي اسماعيل لکيو ته حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت مان اميد رکڻ ان برابر آھي جيئن ٻٻرن کان ٻير گُھرڻ برابر آهي. علي مراد چانگ لکيو ته حڪومت عوام جي اميدن تي پوري ناهي لٿي. احمد رضا لکيو ته نالائق حڪومت مان چڱائي جي اميد رکڻ بيڪار آهي، ٻيو ته پاڪستان ۾ جيڪا شي مهانگي ٿئي ٿي وري ان جو اگھه گهٽ ٿيڻ ڏکيو آهي، روي ميگهواڙ لکيو ته سرڪار شروع کان وٺي عوام دشمن پاليسي سان هلي آهي هر روز عوام کي مهانگائي جا نوان تحفا ڏنا وڃن ٿا، علي گل دايو، عمران ملڪ، مهاوير واسو، اياز احمد، محبتي مڪيش، ذوالقرنين لنڊ، بابوخان زرداري پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، غلام ڪبريا، محمد جمن ساند، گلاب خان سمون، عبدالحڪيم لغاري، منظور هاليپوٽو پڻ تيل سستو نه ڪرڻ جي مذمت ڪئي، حيدربخش ساند لکيو ته عوام اميد رکي به ڪون هئي ته پيٽرول سستو ڪيو ۽ رليف ڏيو،اويس لغاري لکيو ته عوام دشمن حڪومت آھي. وحيد مستوئي لکيو ته حڪمرانن کي صرف پنھنجا مفاد عزيز آھن عوام سان ھنن جو ڇا وڃي؟ حافظ عيدل ڪنڀر، مجاهد چنا، محمد خالد ميمڻ پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته حڪومت غريب ماڻهن کي ڪو به رليف ناهي ڏنو، حڪومت مان عوام کي وڏيون اميدون هيون پر هن حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران ويتر مهانگائي وڌائي ڇڏي آهي ۽ پيٽرول سستو ڪرڻ جي تجويز رد ڪرڻ عوام سان ظلم آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *