تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ڪاروبار بند ڪرڻ کان بهتر آھي ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪورنا وائرس جي ڪري درگاهون، سينيمائون، ٿيٽر ٻيهر بند ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪورونا وائرس جلسن جلوسن ۾ ناهي باقي تعليمي ادارن، درگاهن، سينمائن ۾ آهي ڇا جو انهن کي بند ڪيو پيو وڃي، ڪاروبار بند ڪرڻ سان ماڻهو وري بيروزگار ٿيندا ان ڪري بهتر اهو آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته حڪومتي پاليسين سبب ملڪ ۾ بک بدحالي ۽ غربت عوام کي ٻچا وڪڻڻ ٿي مجبور پئي ڪري ملڪ جي اھڙي صورتحال ۾ روزگارن کي تالا ھڻڻ ملڪ لاءِ نقصان ڪار ھوندو، صرف ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي ته تمام بھتر ٿيندو، رشيد ابڙو لکيو ته مھانگائي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي سرڪار شيون بند ڪرائڻ بجاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرائي نه ته ماڻھو بک بدحالي سبب خود ڪشون ڪرڻ تي مجبور ٿيندا، هن ڀيري فصل به سٺا نه لٿا آھن، نورالدين سولنگي لکيو ته جلسن جلوسن ۽ مارڪيٽن ۾ ڪورونا ڪونهي باقي درگاهن ۽ اسڪولن ۾ ڪورونا آهي عجيب مزاق پيو ڪيو وڃي، خادم گهراڻو لکيو ته حڪومت جو حالتن کي ڏسندي سينيمائون ٿيٽر بند ڪرڻ جو فيصلو، تعليم ادارن کي بند ڪرڻ وارو فيصلو صحيح به آهي نه به آهي ان سان ڪورونا نه وڌندي تعليم تباھ ٿيندي معيشيت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو، گلزار ملاح لکيو ته حُڪومت لاڪ ڊائون دوران جيئن بازارون کُلڻ کي گهٽ ٽائيم ڏيندي تيئن بازارن ۾ رش وڌندي، انڪري فقط بازارون بند ڪرائڻ کان بهتر آھي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، گل حسن شر لکيو ته بھتر فيصلو آھي، فرمان چانڊيو لکيو ته مسڪين غريب عوام جو ساھ مھانگائي ڪڍي ڇڏيو آهي هاڻي ڪورونا جو سبب ڄاڻائي وڌيڪ عوام کي تباھ برباد ڪندا هوٽل وغيره بند ڪرڻ سان ڪيترا ئي مزدور بيروزگار ٿيندا، نقاش علي لکيو ته هڪ ته حڪومت کي گهرجي ته مڪمل لاڪ ڊائون لڳائي ته سڀ بيروزگار هجن. ڪجهه ڪاروبار هلن ۽ ڪجھه بند هجن ته اها نا انصافي ٿيندي.مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته حڪومت اھو بھترين فيصلو ڪيو آھي درگاھون سينيمائون ٿيٽر ٻيھر بند ٿيڻ گھرجن، سرمد ملاح لکيو ته ڪورونا به دنيا جي جديد فلم آھي، نعيم سومرو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، نجاوت مغيري لکيو ته هن حڪومت جي خبرڪا نه ٿي پوي ڪوروناجي آڙ ۾ روز نئون ڊرامو پياٿا ڪن سنڌ جي تعليم جو ٻيڙوئي ٻوڙي ڇڏيو اٿن، امر راءِ سنگهه راجپوت لکيو ته مسڪين عوام کي بُک مارڻ جو اهو منصوبو آھي، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته هڪ طرف حڪومت جو فيصلو صحيح به آھي صحت تي سياست نه ڪرڻ گھرجي ٻئي طرف وري مهانگائي بيروزگاري عوام جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آھي لاڪ ڊائون کان بهتر آھي ته ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي.علي گل ڪانڌڙو لکيو ته اهي سڀ ڊراما آهن.محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته درگاهون سينيمائون تعليمي ادارا بند ڪرڻ سان نقصان گورنمينٽ کي نه پر عوام کي ٿيندو، شهزاد علي ميمڻ لکيو ته سياسي جلسن تي ڪا پابندي ناهي ريلين تي ڪا پابندي ناهي هاڻي ڪورونا وائرس اچي درگاهن ۽ غريبن جي روزگارن ۾ ڪاهي پيو آھي؟ جيڪڏهن پابندي لڳائڻي آھي ته سڀ کان پهريان سياسي جلسن تي پابندي هنئي وڃي، نماڻو نوناري پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، مسرور شر لکيو ته حڪومت جي نااھلي جي ڪري بک بدحالي ملڪ ۾ پيدا ٿئي پئي وري لاڪڊائون سان ملڪ جو ٻيڙو ٻڏندو، بشير رضا ملاح لکيو ته اپوزيشن توڙي حڪومتي جلسن ۾ ايس او پيز جو خيال نٿو ڪيو وڃي باقي درگاهون بند ڪرڻ سان ڪورونا ختم ٿي ويندو؟ عاشق حسين لکيو ته رش وارين جاين تي ايس او پيز جو خيال رکيو وڃي، رضوان احمد مجيداڻو لکيو ته الله رحم ڪري، پنهنجن جلسن جلوسن ۾ ڪورونا انهن کان وسري ٿو وڃي باقي اسڪولن ۽ مدرسن ۾ ڪورونا آهي؟ غريب عوام کي بدحال نه ڪيو وڃي، نياز محمد خواجه لکيو ته سياسي جلسن ۾ ايس او پيز جو ڪرونا جو خطرو ناهي، عرفان علي چانڊيو لکيو ته جلسن جلوسن هوٽلن ۾ هزارين ماڻهو جي رش آهي باقي درگاهن ۽ اسڪولن ۾ ڪورونا آهي؟وحيد ڄامڙو لکيو ته ملڪ اندر مھانگائي عروج تي آھي، ايس او پيز تحت درگاھون کوليون وڃن ڇوته اتي ڪيترائي دڪاندار روزگار ڪن ٿا درگاھون سيل ٿيڻ سبب بي روزگار ٿي ويندا سندن گھر جو گذر سفر مشڪل ٿي ويندو، ديپڪ باغي لکيو ته عوام احتياط نٿو ڪري، راسومل لکيو ته فيصلو درست آھي، حيدربخش ساند لکيو ته اڃان به ڪورونا ڪنٽرول ۾ نه آيو ته وري ساڳي لاڪ ڊائون واري صورتحال کي منهن ڏيڻ پوندو، تهذيب چانڊيو لکيو ته سڀ ڊرامو آهي، سليم اختر لکيو ته زندگي کان مٿي ڪا شي اھم ناھي، عبدالغفار اوڳاهي لکيو ته جلسن جلوسن هوٽلن ۾ هزارين ماڻهو جي رش آهي باقي درگاهن ۽ اسڪولن ۾ ڪورونا ايندو ڇا؟ عتيق الرحمان پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *