تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ڪميشن پاس ڪرڻ ضروري آهي خبر پوي ته آفيسر اهل آهن يا نا اهل : عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪميشن پاس ڪرڻ بعد ڪرسي ملندي- سنڌ جي سيڪريٽري ۽ ڪمشنر سطح جي 50 ڪامورن کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪميشن پاس ڪرڻ ضروري آهي خبر ته پوي اهل آهن يا نه؟ يا اهي ڪامورا ائين ڀرتي ٿيا آهن هتي هزارين نوجوان ڪميشن پاس نه ڪرڻ جي ڪري بيروزگار ويٺا آهن اهو فيصلو صحيح آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ثاقب علي لکيو ته بلڪل صحيح فيصلو آهي، پر ان ۾ به ڪميشن ۾ به هنن کي سفارش ذريعي نه آندو وڃي، ان تي به هڪ نظر رکڻ گهرجي، مان ته چوان ٿو ته سياستدان مثال طور وزيراعظم، صوبائي وزير، وفاقي وزيرن جي به تعليم هڪ مخصوص مقرر ڪئي وڃي ته جيئن ان کانسواءِ انهن جا ڪاغذ قبول نه ڪيا وڃن، ڇو ته انٽر پاس جيڪڏهن گورنر ٿيندا ته ڪيئن نظام هلندو، اظهار الحق لکيو ته ساراھ جوڳو عمل آھي ان سان اسان علم وارا آفيسرس ٿيندا سفارشي پيسي تي آيل ختم ٿي ويندا، خادم گهراڻو لکيو ته ڪميشن پاس ڪرڻ ضروري آهي خبر ته پوي اهل آهن يا نه اهي ائين ڀرتي ٿيا آهن هتي هزارين نوجوان ڪميشن پاس نه ڪرڻ جي ڪري بيروزگار ويٺا آهن اهو فيصلو صحيح آهي، گل حسن شر لکيو ته انڌيرنگري آھي، اي زيڊ لغاري لکيو ته سٺو فيصلو آھي ، ڪميشن پاس ڪندڙ سٺي قابليت رکندڙن کي ڀلي ڪرسي تي ويھاريو وڃي، فاروق کوسو ۽ مظهر حسين لکيو ته سٺو فيصلو آهي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته تمام سٺو فيصلو ڪيو ويو آھي اسسٽنٽ ڪمشنر بغير امتحان پاس ڪرڻ جي عھدن تي هئا، نياز سومرو لکيو ته گهٽ پڙهيل ڪامورن نظام کي خراب ڪري ڇڏيو آهي، احسان متوئي لکيو ته هن وقت ڳالھه فيصلي جي نه پر ان تي عمل ڪرڻ جي آهي ڇو ته اڪثر ٿيو ائين آهي ته فيصلا ته ڪيا ويندا آهن پر ان تي عمل ناهي ڪيو ويندو، علي نواز شر لکيو ته جيڪي اسسٽنٽ ڪمشنر بغير ڪميشن امتحان پاس ڪرڻ جي عهدن تي هئا اهي ايم پي اي ايم اين اي جي طرفان آيل هئا، مقصود عباسي لکيو ته سڌي ڀرتي طور آيلن سفارشي آفيسرن کي ٽيھن سالن کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آھي، اشرف آرائين لکيو ته سٺو ڪم ٿيو آهي، رفيق احمد لکيو ته ان سان ٻين ڪم چور ۽ نااھل ماڻھن کي ڊڄڻو پوندو، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته ڪمشن ۾ به سفارشي ڪلچر کي ختم ڪرڻ پوندو، پيار علي چانڊيو لکيو ته ڪميشن بعد ڪرسي ملڻ وارو حڪم بلڪل درست پر وري به ساڳئي صورتحال سامھون ايندي ته ڪميشن ۾ سياسي سفارش ھلندي، شهزاد علي ميمڻ لکيو ته هاڻي ڪرپٽ ڪامورن کي گهر ڀيڙو ٿيڻ گهرجي، نديم احمد شيخ لکيو ته ان فيصلي تي عمل ڪير ڪرائيندو؟ غلام رضا بجير لکيو ته ھر شعبي ۾ ميرٽ تي ڀرتي ڪئي وڃي، انيس باقي بلوچ لکيو ته ڪميشن پاس ڪرڻ لازمي آھي، انھن سڀني ڪامورن کي گھر ڀيڙو ڪري، نيون ڀرتيون ڪيون وڃن، منظور ڪنڀر لکيو ته فيصلو ساراهه جوڳو آهي پر ان تي عمل به ٿيڻ کپي، مختيار ميمڻ ڏيرو لکيو ته وقتائتو فيصلو آهي ڪميشن امتحان ئي حقيقي نوجوانن کي موقعو ملندو، وقار حسين لکيو ته هن فيصلي سان ڪيترن ئي غريب مسڪينن کي روزگار ملي سگهندو، سرمد ملاح لکيو ته اھو فيصلو عوام جي حقن ۾ آھي، ديپڪ باغي لکيو ته فيصلا ٿيندا رهندا آهن پَر عمل ڪٿي به نظر نه آيو آهي، عرفان چانڊيو لکيو ته فيصلي تي عمل به ڪيو وڃي، ممتاز لاکو لکيو ته بهترين فيصلو آهي، نقاش علي لکيو ته پهريون دفعو ڪو سٺو فيصلو ورتو ويو آهي.اعجاز بجير لکيو ته جڏھن آءِ بي اي هيڊماسترن ۽ ٻين ڪانٽريڪٽ ملازمن کي پڪو ڪرڻ لاءِ ڪميشن پاس ڪرڻ ضروري آھي ته هنن آفيسرن کان به ڪميشن ورتو وڃي، نعمت الله انڙ ۽ نياز ڪلوئي به فيصلي جي آجيان ڪئي، محمد انڙ لکيو ته آفيسرن کي ھٽايو ويندو به ته سياست خطري ۾ پئجي ويندي.سڪيش ڪمار لکيو ته سنڌ صوبي ۾ ھزارين جي تعداد ۾ ڪميشن پاس نوجوان بيروزگار ويٺل آھن، شريف ڄامڙو، مولابخش جوڻيجو، نياز محمد خواجه، محمد اسلم ميمڻ، نياز محمد راڄپر، محمد عالم ساند، سرفراز اي آر ڪي، ممتاز سميجوظهر شر پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، نجيب کوسو فيصلي جي آجيان ڪئي، اسد علي سميجو لکيو ته ڪميشن پاس ڪرڻ ضروري آهي خبر ته پوي اهل آهن يا نه اهي ائين ڀرتي ٿيا آهن هتي هزارين نوجوان ڪميشن پاس نه ڪرڻ جي ڪري بيروزگار ويٺا آهن اهو فيصلو صحيح آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *