تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ڪڻڪ ۽ ڪمند جي سرڪاري اگهه تي عمل ڪرائڻ سميت آبادگارن لاءِ رليف پيڪيج ڏنو وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪڻڪ جو امدادي اگهه 2 هزار رپيا ۽ ڪمند جو اگهه 202 رپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پرويز علي لکيو ته حڪومت جي طرفان ريٽ لسٽ مقرر ٿئي ٿي. پر پاڻ حڪومت ان تي عمل ناهي ڪندي، فقير صادق لاشاري لکيو ته ڪڻڪ جو ريٽ وڌڻ صحيح آھي.مهانگائي جي ڪري هارين ننڍن آبادگارن جو خرچ به نٿو لهي، ڪڻڪ جي ريٽ وڌڻ جي ڪري جن آبادگارن ڪڻڪ پوکائي گهٽائي ڇڏي هئي اهي به شوق سان ڪڻڪ جي پوکي ڪندا .گل حسن شر لکيو ته اگهه وڌائڻ بھتر فيصلو آھي ڪڻڪ تي خرچ ججھو ٿئي ٿو ان حساب سان ريٽ مقرر ڪرڻ سان آبادگارن کي فائدو ٿيندو. رفيق بلوچ لکيو ته اڪثر ايئن ٿيندو آهي جڏھن ڪڻڪ هارين جي هٿن مان نڪري ويندي آھي ته پوءِ سنڌ سرڪار يا وفاقي سرڪار اگھه مقرر ڪندي آهي، غريب عوام کي ٻنھي هٿن سان ڪنگال ڪندا آهن، عمران سانگي لکيو ته ڪڻڪ جو اگهه 2000 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ سٺو عمل آهي ان سان آبادگارن کي رليف ملندو، حڪومت کي گهرجي ته ڀاڻ، پيٽرول، ڊيزل سستو ڪري آبادگارن کي سبسڊي ڏني وڃي. جاويد هڪڙو لکيو ته هارين ۽ آبادگارن لاءِ اگهه مقرر ڪيا وڃن ٿا پر واپارين ۽ ڪارخانيدارن کي آزاد ڇڏي ڏين ٿا جنهن سان پڻ وهنوار متاثر ٿئي ٿو، نوشاد خاصخيلي لکيو ته حڪومت ريٽ مقرر ڪري ٿي پر انهن تي عمل نٿي ڪرائي ۽ وچ تي منافعي ۽ وياج خور مافيا فائدو کڻي ٿي، جڏهن ڪڻڪ جو اگهه ساڍا 32 سئو هو ته منڊين ۾ واپارين ننڍن آبادگارن کان 28 سئو کان 3 هزار ۾ ٻوري خريد پئي ڪئي جيڪا هاڻ 5 کان 6 هزارن ۾ پيا وڪرو ڪن، عالم رند لکيو ته جڏهن خريداري جو وقت ايندو ته خوراڪ کاتي وارا وڏيرن ۽ ايم پي اي، ايم اين اي جي اوطاقن تي باردانو ڏئي ڇڏيندا، غريب ماڻهو ساڳيا پريشان هوندا، جمال الدين چنا لکيو ته ڪڻڪ جو ريٽ صحيح آھي پر غريب ماڻھن جي باري ۾ به سوچيو وڃي ها اٽو مهانگو ٿيندو ۽ ڏهاڙيدار مزدور مشڪل ۾ اچي ويندا باقي ڪمند جو ريٽ گهٽ ۾ گهٽ 300 رپيا مڻ ڪيو وڃي ۽ غريب ماڻھن کي رليف ڏنو وڃي. نياز سومرو لکيو ته اهو سٺو فيصلو آهي، پر حڪومت کي اٽي ۽ کنڊ جي موجوده بحران ۽ سرڪاري اگھن تي به عمل ڪرائڻ گهرجي، محمد حسين لکيو ته ڪڻڪ جو اگھه وڌائڻ سان غريبن کي ڪو به فائدو نه ٿيندو پر اٽو مهانگو ملندو، وري به غريبن کي پريشاني ٿيندي، ڪڻڪ جو اگھه وڌڻ جي ڪري ڪابينا ۾ ويٺل زميندار کي فائدو ٿيو، خادم رند لکيو ته ڪڻڪ جو اگھه 2000 رپيا في مڻ ته تمام سٺو آھي باقي ڪمند جو اگهه 202 رپيا مقرر ڪري آبادگارن ۽ ھارين سان زيادتي ڪئي وئي آھي. ڪمند جو اگھه گهٽ ۾ گهٽ 300 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ کپي.مبارڪ بجير لکيو ته زميندارن کي فائدو مليو مسڪين ۽ غريب ماڻهو وري به پريشان هوندو،ڪڻڪ ۽ ڪمند تي محنت ڪندڙ هارين کي ڪجھه ڪونه ملندو ساڳيو اجورو ملندو جيڪو اڳئي ملي ٿو، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته حڪومت اگھه ته مقرر ڪري ٿي پر ان تي عمل ڪير ڪرائيندو؟ سڄي سنڌ ۾ اٽو بليڪ تي وڪرو پيو ٿي ڪٿي به سرڪار طرفان مقرر ٿيل اگھه تي عمل نه پيو ٿئي حڪومت صرف اعلان پئي ڪري منافعي خور پنهجا اگهه وٺي رهيا آهن انهن کان ڪوبه پڇڻ وارو ناهي، روشن داس لکيو ته فيصلو ته بھترين آهي پر ڳالهه آهي ان تي عمل درآمد ڪرڻ جي ته سرڪاري اگهه تي عمل يقيني بڻايو وڃي.اشفاق علي پنهور لکيو ته تمام بهترين فيصلو آهي سنڌ حڪومت جي ان عمل سان زراعت کي هٿي ملندي ۽ اگر زراعت کي هٿي ملي ته سمجهو هر هنر ۽ ڪاروبار کي ترقي ملندي، پيارو خان سنجراڻي لکيو ته ڪڻڪ جو اگهه وڌڻ سان زميندارن کي ئي فائدو رسندو غريب ساڳيو ئي سورن ۾ هوندو ٻئي طرف اٽي جو به اگھه وڌندو ڪمند جو اگهه بهتر آهي پر جيئن اڳ به حڪومت جي اعلانن تي عمل ناهي ٿيو هن ڀيري به مقرر ڪيل اگهن تي عمل مشڪل لڳي ٿو تنهن ڪري حڪومت کي مقرر ڪيل اگهن تي عمل ڪرائڻو پوندو، سردار غوث بخش لکيو ته غريبن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي حڪومت کي غريب ماڻهن جي واهر ڪرڻ گهرجي، پيار علي چانڊيو لکيو ته آبادگار ڪمند جو ھجي يا ڪڻڪ جو سرڪار طرفان ڪو ڪا سبسنڊي يا رليف ناھي مليو، ڪڻڪ جي اٽي جو بُحران ۽ اگھه گھٽائڻ وارو نئون ڊرامو سرڪار جي چالبازي آھي، ڪمند جي آبادگارن سان به ھميشه اھڙي ويڌن رھي آھي جو ھر سيزن ۾ پھريان احتجاجن تي مجبور ڪري پوءِ اگهن ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي، عرفان علي چانڊيو لکيو ته حڪومت ريٽ وڌائي ٿي پر انهن تي عمل نه ٿي ڪرائي،مسرور شر لکيو ته اگهه وڌائڻ سٺو فيصلو آهي، حبيب الله جمالي لکيو ته هن حڪومت مان عوام کي ڪو به رليف نه ملندو، ايم بي قادري لکيو ته ڪڻڪ ۽ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ سٺو عمل آهي پر ان تي عمل به ٿيڻ گهرجي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *