تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟… گورنر کي ٽاسڪ: سنڌ حڪومت ٻيٽن تي اثرائتو موقف رکي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ٻيٽن واري معاملي تي سنڌ سرڪار کي راضي ڪرڻ جو ٽاسڪ گورنر کي ڏنو ويو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ عوام وفاق جو قبضو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو، سنڌ حڪومت سان معاملا طئي ڪرڻ لاءِ گورنر کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي پر سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نه ڪري، ٻيٽن جي معاملي تي سنڌ حڪومت اثرائتو موقف رکي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته سنڌ سرڪار ھر حال ۽ ھر قيمت تي راضي آھي گوورنر کي ٽاسڪ ڏيڻ مڙئي ميڊيا ۽ عوام لاءِ آھي، خادم گهراڻو لکيو ته وفاق جو سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رهيو آهي سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام جي ووٽن سان ٺهي آهي اها سنڌ جي عوام جي سوچ خلاف فيصلو نه ڪندي گورنر سنڌ جو نه پر وفاق جو نمائندو آهي، گل حسن شر لکيو ته ٿي سگهي ٿو پ پ وارا راضي ٿي وڃن عوامي پريشر برقرار رهڻ گھرجي، جاويد هڪڙو لکيو ته وفاق کي خبر آهي ته هنن کي رڳو پئسا گهرجن، ساڪيش ڪمار لکيو ته سنڌ سرڪار ته سنڌ جون زمينون اڳ ئي وڪڻي ڏنيون سنڌ جا ٻيٽ به وڪڻڻ ۾ دير نه ڪندا ھاڻي اگر سنڌ حڪومت کي گورنر راضي ڪري ويو ته پوءِ وفاق ٻيٽن تي قبضو ڪري سگهي ٿو پر سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ اهڙي اجازت نه ڏيندو، خادم رند لکيو ته سنڌ سرڪار ٻيٽن واري معاملي تي راضي ھئي تڏهن ته لکت ۾ اجازت ڏنائين. هينئر عوام جي دٻاءُ ڪري يو ٽرن وٺڻ تي وفاقي حڪومت گورنر کي ھدايت ڪئي آھي ته سنڌ سرڪار کي ٿڌو ڪري. شنڪر باغي لکيو ته اهي ته اڳئي گڏيا ويٺا آھن پر سنڌي عوام جي ڪاوڙ ڏسي هي بوکلائجي ويا آهن، نوشاد خاصخيلي لکيو ته سنڌي قوم جي شديد رد عمل باوجود وفاقي سرڪار اڃان هوڏ تي قائم آھي ته سنڌ جا ٻيٽ ڦٻايون جيڪا هنن جي ڀل آھي، احسن اياز لکيو ته جڏھن ان ٻيٽ واري معاملي تي سنڌ جو عوام سراپا احتجاج بڻيل آھي پوءِ اھو ٽاسڪ گورنر يا وزير کي ڇو پيو ڏنو وڃي؟ ساجد سيال لکيو ته گورنر ته ھميشا سنڌ دشمن فيصلا ڪندو رھندو آھي عادل الاهي بخش لکيو ته پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري رهي آهي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نه ڪري، جرئت علي ڇانڊيو لکيو ته سنڌ جي حقن تي هميشا ڌاڙا لڳا آھن، عرض محمد پيرزادو لکيو ته عوام ھڪ سمنڊ آهي جي ڪراچي کان گھوٽڪي تائين نڪري پوي ته ھي صدارتي آرڊيننس ھڪ ڪلاڪ اندر وفاقي حڪومت واپس وٺي سگهي ٿي باقي ڳالهه آهي گورنر جي اھو سنڌ حڪومت جي اختيارن کي راضي ڪري وٺندو، يارمحمد هوت لکيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري وفاق حڪومت جو غلط ڪردار ادا ڪري رهي آھي، سنڌ حڪومت کي انهي معاملي تي سنجيدگي ڏيکارڻ گهرجي، مهاوير واسو ۽ سردار غوث بخش ملڪ لکيو ته وفاق سنڌ جي ٻيٽن قبضو ڪرڻ لاءِ گورنر کي اڳيان آندو آهي سنڌ حڪومت راضي ٿي سگهي ٿي پر عوام راضي نه ٿيندو، خواجه صدام لکيو ته گورنر سنڌ حڪومت کي ڪڏهن به راضي نٿو ڪري سگھي ڇو جو سنڌ جا ٻيٽ صرف سنڌ حڪومت جا نه پر پوري سنڌي قوم جا آھن، ظفر رند لکيو ته سنڌ جو عوام انهي معاهدي کي رد ڪري چڪو آهي، سنڌ حڪومت ٻيٽن واري معاملي ته ڪابه سوديبازي ڪئي ته عوام برداشت نه ڪندو، امان الله لغاري لکيو ته اهو سٺو عمل آھي سياست پنھنجي جاءِ تي آهي ترقي خاطر ٻنھين جماعتن کي پنھنجا ذاتي اختلاف وساري سنڌ ۽ سنڌي ماڻھو جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ کپي، حبيب الله جمالي لکيو ته سنڌ سرڪار ڪڏهن به هن ٽاسڪ جي حمايت نه ڪندي، محبتي مڪيش لکيو ته عوام کي جاگڻو پوندو، سليم اختر لکيو ته ٻئي جماعتون سياست پيون ڪن سنڌ حڪومت کي ھڪ ڀرپور موقف رکڻ گھرجي ھا جيڪو اڳ نه رکيو ويو پر هاڻي سنڌ حڪومت کي اثرائتو موقف رکڻ گهرجي، نثار لغاري لکيو ته هي سڀ ڊرامي بازي ڪري عوام کي بيوقوف بنائي رهيا آھن پي پي سنڌ جي عوا م کان معافي وٺي سڌو موقف اختيار ڪري، راشد مراد چانڊيو لکيو ته سنڌ جو شعور ڪڏھن به نه چاھيندو ته سنڌ جو سودو ٿئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *