سنڌ ۾ هلندڙ سال جي شروعاتي ٽن مھينن دوران ايڇ آءِ وي جا 894 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، جن ۾ 329 ٻار پڻ شامل آهن۔ ڊيٽا موجب متاثر ٿيل ٻارن ۾ 188 ڇوڪرا ۽ 141 ڇوڪريون شامل آهن۔ صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ روزانو سراسري طور 3 کان 4 نوان ٻارن جا ايڇ آءِ وي ڪيس سامهون اچي رهيا آهن۔ سنڌ جي صحت کاتي موجب 2026 جي پهرين ٽن مهينن دوران ايڇ آءِ وي جا ڪل 894 ڪيس رپورٽ ٿيا۔ جن مان جنوري ۾ 294، فيبروري ۾ 324 ۽ مارچ ۾ 276 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن.
سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي جي وڌندڙ ڪيسن بابت تازين رپورٽن سماج جي حساس ضمير کي جھنجھوڙي ڇڏيو آهي. خاص طور تي جڏهن انهن ڪيسن ۾ ننڍڙن ٻارڙن جو وڏو تعداد شامل هجي، تڏهن اها صورتحال صرف هڪ صحت جو مسئلو نه رهي ٿي، پر اها هڪ سماجي، اخلاقي ۽ انتظامي ناڪاميءَ جو کليل اعتراف بڻجي وڃي ٿي. ٻارڙا، جيڪي معصوم گل آهن، جڏهن اهڙي موذي مرض جو شڪار ٿين ٿا ته پوءِ سوال صرف وائرس جو نه پر پوري نظام جي بيماريءَ جو ٿي پوي ٿو. ڪراچيءَ سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ايڇ آءِ وي جي ڦهلاءُ عالمي سطح تي خبرن جو موضوع بڻجي چڪو آهي. پر افسوس جو اسان وٽ ان مان ڪو سبق سکڻ بدران، لاپرواهي ۽ بيحسي جو ساڳيو رويو اڄ به برقرار آهي. ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي جي تشخيص هڪ انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال بڻجي سامهون اچي رهي آهي.
سوال اهو آهي ته آخرڪار ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي ڇو وڌي رهيو آهي؟ ظاهر آهي ته هي وائرس عام حالتن ۾ ٻارڙن ۾ پاڻمرادو پيدا نٿو ٿئي. ان جا واضح سبب آهن: غير محفوظ رت جي منتقلي، غير معياري ۽ استعمال ٿيل سرنجن جو ٻيھر استعمال، عطائي ڊاڪٽرن ۽ حجمن جا غير ذميواراڻا عمل، ۽ غير رجسٽرڊ بلڊ بينڪن جون بي ضابطگيون. سنڌ ۾ اڄ به ڪيترائي اهڙا عطائي ڊاڪٽر موجود آهن، جيڪي بغير ڪنهن طبي قابليت جي انساني زندگين سان کيڏين ٿا. صحت کاتي طرفان ڪجھه وقت لاءِ ڇاپا ھڻي انهن جون ڪلينڪون سيل ڪيون وڃن ٿيون ۽ پوءِ وري سڪا رائج الوقت جي استعمال سان انهن کي وري اجازت ملي ٿي وڃي. اها حقيقت انتهائي ڏکوئيندڙ آهي ته اسان جو صحت جو نظام انهن بنيادي معاملن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي ٿو. ان کان به وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته نيشنل ايڊز پروگرام، جيڪو هن بيماريءَ جي روڪٿام لاءِ ٺاهيو ويو هو، سو به ڄڻ ڪنهن ٻي گرھ تي ڪم ڪري رهيو آهي. زميني حقيقتن سان ان جو ڪو واسطو نظر نٿو اچي. نه ڪا مؤثر مهم هلائي پئي وڃي، نه ئي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪا سنجيده ڪوشش ٿي رهي آهي. جيڪڏهن پروگرام موجود آهي، ته پوءِ ان جا نتيجا ڪٿي آهن؟ ڇو سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن؟
سنڌ جي صحت کاتي جي ڪارڪردگي به سخت سوالن جي گهيري ۾ آهي. بار بار ٿيندڙ اهڙن واقعن باوجود، نه ته ڪا سخت ڪارروائي نظر اچي ٿي ۽ نه ئي ڪا مؤثر پاليسي. عطائي ڊاڪٽر کلي عام پنهنجون ڪلينڪون هلائين ٿا، غير قانوني بلڊ بينڪون بنا ڪنهن خوف جي ڪم ڪن ٿيون، ۽ صحت جا ذميوار ادارا ڄڻ ته خاموش تماشائي بڻيل آهن. هي نااهلي نه رڳو قابل مذمت آهي، پر اها انساني حياتين سان کيڏڻ جي کليل اجازت آهي.
جاڳرتا جي کوٽ پڻ هن مسئلي کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. عام ماڻهو اڄ به ايڇ آءِ وي بابت بنيادي ڄاڻ کان محروم آهن. ڪيترن کي اها به خبر ناهي ته هي وائرس ڪيئن ڦهلجي ٿو ۽ ان کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو. جڏهن سماج ۾ شعور جي کوٽ هوندي آهي، تڏهن اهڙيون بيماريون وڌيڪ تيزيءَ سان پکڙجن ٿيون. ان ڪري ضروري آهي ته سماجي تنظيمن ۽ ميڊيا ذريعي وڏي پيماني تي آگاهي مهم هلائي وڃي. هن مسئلي کي رڳو بيانن ۽ فائيلن تائين محدود نه رکيو وڃي، پر عملي قدم کنيا وڃن. عطائي ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، بلڊ بينڪن کي سخت ضابطن هيٺ آندو وڃي، ۽ هر سطح تي نگراني جو نظام مضبوط ڪيو وڃي. گڏوگڏ، صحت کاتي کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪندي هڪ جامع ۽ مؤثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي.