| سوريا يادو سان رومانوي چڪر نه هو: خوشي جي وضاحت |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ريئلٽي شو ايم ٽي وي اسپلٽس ولا سان شهرت حاصل ڪندڙ بالي ووڊ جي اداڪاره خوشي مکرجي ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادو بابت پنهنجي بيان جي وضاحت ڪئي آهي. خوشي مکرجي چيو ته هن جو سوري ڪمار يادو سان ڪو به رومانوي تعلق نه هو، سندس بيان جي غلط تشريح ڪئي وئي. خوشي مکرجي اها به دعويٰ ڪئي ته سندس انسٽاگرام اڪائونٽ هيڪ ڪيو ويو هو. ياد رهي ته هڪ تقريب ۾ خوشي مکرجي چيو هو ته ڪيترائي ڪرڪيٽر سندس پويان آهن پر هوءَ ڪنهن به ڪرڪيٽر سان ڊيٽ ڪرڻ نٿي چاهي. هن دعويٰ ڪئي هئي ته سوري ڪمار يادو پڻ انهن مان هڪ آهي، هو مون کي پيغام موڪليندو هو پر هاڻي اسان گهڻو ڳالهائيندا ناهيون. ٻئي طرف سوري ڪمار يادو اڃا تائين مکرجي جي دعويٰ جو جو جواب ناهي ڏنو.