اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاران سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، وزارت آءِ ٽي اي سيفٽي ايجنسي قائم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي
ايجنسي ايف آءِ اي جي طرز تي ڪارروائي ڪري سگهندي، ذريعن موجب سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ليگل فريم ورڪ گهربل آهي
وزارت انفارميشن ٽيڪنالاجي اي سيفٽي قانون جو مسودو تيار ڪندي، بل جي تياري ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت ڪئي ويندي
حڪومت سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وسيع البنياد ليگل فريم ورڪ تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ان حوالي سان وفاقي حڪومت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن،اي سيفٽي ايجنسي بابت قانونسازي جي هدايت ڪئي وئي آهي
ذريعن موجب اي سيفٽي قانون تحت قائم ٿيندڙ ايجنسي سوشل ميڊيا سرگرمين جي مانيٽرنگ ڪندي، ايف آءِ اي جي طرز تي اها خصوصي ايجنسي تصور ٿيندي، اي سيفٽي تحت سمورين ويب سائيٽن جي نگراني ڪئي ويندي، سوشل ميڊيا رولز کي به اي سيفٽي قانون جو حصو بڻايو ويندو،
ٽي وي چينلن ۽ اخبارن جي ويب سائيٽن جي به نگراني ٿيندي
آن لائن حراسمينٽ، چڙ ڏياريندڙ مواد ، ڌمڪين تي به اها ايجنسي ڪارروائي ڪندي، وفاقي ڪابينا گذريل ڏينهن اي سيفٽي بل ۽ ڊيٽا پروٽيڪشن بل جي منظوري ڏني هئي
وفاقي ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سفارش تي صارفين جي ڊيٽا جي تحفظ ۽ انفارميشن سسٽم جي ناجائز ۽ غيرقانوني استعمال کي روڪڻ لاءِ اي سيفٽي بل 2023ع جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي
پاڪستان ۾ سڀني قسمن جي آن لائين سروسز، آن لائين خريداري، مختلف ڪمپنين کي ڏني ويندڙ دستاويزن ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي صارفين جي ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ ۽ انهن جي بنا اجازت جي استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان قانون تحت هڪ جامع فريم ورڪ ٺاهيو ويندو
وفاقي ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي سفارش تي پرنسپل ڊيٽا پروٽيڪشن بل 2023ع جي به اصولي منظوري ڏني هئي، ان بل تحت حڪومت مختلف ادارن ۽ ڪمپنين، صارف جي ذاتي دستاويزن/ ڊيٽا جي حفاظت يقيني بڻائيندي ۽ انهن جي اجازت کانسواءِ ڪنهن به ڪمپني، شخص يا حڪومتي اداري کي صارف جي اجازت کانسواءِ ان جا دستاويز، ڊيٽا ڏيڻ تي پابندي هڻندي
قانون تحت صارفين جي نجي ڊاڪيومينٽس/ ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ نيشنل ڪميشن فار پرنسپل ڊيٽا پروٽيڪشن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، جيڪو هڪ ديواني عدالت جي حيثيت رکندڙ هوندو، واضح رهي ته پيڪا ايڪٽ 2016ع کي وفاقي حڪومت سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ناڪافي قرار ڏنو هو