سوشل ميڊيا اسٽار اي بي بٽ ون لاهور ۾ ويلنگ ڪندي گرفتار: ڪيس پڻ داخل

لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) سوشل ميڊيا اسٽار اي بي بٽ ون ويلنگ ڪندي گرفتار، ان ڏس ۾لاهور پوليس سوشل ميڊيا اسٽار اي بي بٽ کي ون ويلنگ ڪندي گرفتار ڪري ورتو، ان ڏس ۾ ٽريفڪ پوليس موجب جوابدار کي ڊفينس بليوارڊ مان گرفتار ڪيو ويو، جوابدار پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ون ويلنگ ۽ اوباشي جون وڊيوز اپ لوڊ ڪيون هيون، پوليس کي انسٽا اڪائونٽ ۽ ٻيو ڊيٽا فراهم ڪيو ويو آهي. سي ٽي او لاهور جو چوڻ آهي ته ون ويلنگ، تيز رفتاري ۽ اوور اسپيڊنگ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.