سوشل ميڊيا بابت ايف آءِ اي جا اختيار ختم: نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي قائم
مَي 4, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جا اختيار ختم، نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي قائم ڪئي وئي آهي. وفاقي حڪومت ايف آءِ اي جي طرز تي نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن مطابق سائبر ڪرائم جي روڪٿام جي لاءِ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جي نالي سان نئون ادارو جوڙيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اين سي سي آءِ اي جو تحقيقاتي ادارو ايڪٽ جي شق 29 تحت قائم ڪيو ويو آهي. سائبر ڪرائيم ايف آءِ اي ۾ سمورا ڪيس نيشنل سائبر ڪرائم ايجنسي ۾ ٽرانسفر ٿي ويندا. سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي جي سربراهه کي پوليس جي آرڊر 2002 تحت صوبي جي، آءِ جي، جي برابر اختيار حاصل هوندا. ايجنسي جو سربراهه ڊائريڪٽر جنرل هوندو، ڊائريڪٽر جنرل گهٽ ۾ گهٽ گريڊ 21 جو ۽ 63 ورهين کان گهٽ عمر جو نه هوندو. ايجنسي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل، ڊائريڪٽرز، ايڊيشنل ڊائريڪٽرز، اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز ۽ ٻيا عهدا هوندا. ڊي جي کي ٻن سالن جي لاءِ وفاقي حڪومت مقرر ڪندي. ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي اضافو ٿي سگهي ٿو. هن نئين ايجنسي جي آفيسرن ۽ عملي جي لاءِ ڪمپيوٽر سائنس، ڊجيٽل فرانزڪ، سائبر ڪرايم ٽيڪناليجي قانون، پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جون ڊگريون ضروري هونديون. جڏهن ته اين سي سي آءِ اي جي معاملن کي گهرو وزارت ڏسندي ۽ اِهو ادارو بين الاقوامي تعاون جي حوالي سان نامزد ادارو هوندو. نوٽيفڪيشن موجب سائبر ڪرائيم جي حوالي سان سمورا ڏوهه نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي کي موڪليا ويندا. سائبر ڪرائم متعلق سمورا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ پراسيڪيوشن اين سي سي آءِ اي پاڻ ڪندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اين سي سي آءِ اي جا پنهنجا ٿاڻا هوندا. آفيسرن کي سائبر ڪرائيمز متعلق خصوصي تربيت ڏني ويندي. نوٽيفڪيشن مطابق ملڪ اندر سوشل ميڊيا ۽ ايپس متعلق سمورا معاملا اين سي سي آءِ اي ڏسندو.