سوشل ميڊيا تي افراتفري ۽ مايوسي پکيڙِي پئي وڃي: آرمي چيف جنرل عاصم منير
ڊسمبر 30, 2023
راولپنڊي (۾ ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي مايوسي ۽ افراتفري جو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، ڪوڙين خبرن مان تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڄڻ رياست وجود وڃائيندي پئي وڃي، قوم سان گڏجي هر قسم جي مافيا کي ناڪام بڻائينداسين
نيشنل فارمرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي آرمي چيف جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي پاڪستان بابت افواهه ۽ ناڪاري ڳالهيون ٻڌايون پيون وڃن، قوم سان گڏجي هر قسم جي مافيا کي ناڪام بڻائينداسين
آرمي چيف چيو ته ڪلمي جي نالي تي ٻه ئي رياستون قائم ٿيون، طيبه رياست ۽ پاڪستان، طيبه رياست ۽ پاڪستان رياست رڳو اتفاق نه آهن
جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته پاڪستان وسيلن سان مالامال آهي، پاڪستان وٽ، گليشيئرز، درياهه، جبل، زرخيز زمين آهي، دنيا جو بهترين چانور، نارنگيون، انب، گرينائيٽ، سون ۽ ٽرامي جهڙا خزانا موجود آهن، گرين پاڪستان انيشييٽو جو مقصد اهو ئي آهي ته اسان کي سڀ کان پهريان زراعت تي ڪم ڪرڻو آهي، گرين پاڪستان انيشييٽوجي آمدني جو وڏو حصو صوبن کي ويندو، باقي حصو هارين ۽ زرعي ريسرچ لاءِ رکيو ويندو
آرمي چيف جو چوڻ هو ته فوج جو گرين پاڪستان انيشييٽو ۾ ڪردار عوام ۽ هارين جي خدمت آهي، سڀني ضلعن ۾ زرعي مالز جو انعقاد ڪيو ويندو، زرعي مالز ۾ هارين کي هر طرح جون زرعي سهولتون ملنديون، سولو زرعي قرض ۽ ڪولڊ اسٽوريج جي چين کي يقيني بڻايو ويندو، جينيٽيڪلي انجينيئرڊ لائيو اسٽاڪ جي فراهمي به يقيني بڻائي ويندي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کان محفوظ ٻج جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي