سوشل ميڊيا تي رياست مخالف بيان ۽ سياسي انتشار پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو

ڊسمبر 18, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو اجلاس ۾ ملڪي سلامتي جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. جڏهن ته وزيراعظم کي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي تازي واقعن جي حوالي سان کنيل قدمن بابت وزير اعظم کي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم شهباز شريف امن امان لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي ساراهيو، 26 نومبر جي پرتشدد مظاهرين خلاف ڪارروائي بابت اڳڀرائي رپورٽ به پيش ڪئي وئي. ذريعن موجب وفاقي راڄڌاني جي حفاظت لاءِ وڌيڪ بهتر قدم کڻڻ، سوشل ميڊيا تي رياست مخالف بيان پکيڙيندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ، اينٽي رائيٽس فورس جي قيام کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ، سياسي انتشار پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته وزير اعظم جي صدارت هيٺ امن امام بابت ٿيل اجلاس جي پڌرائي هن وقت تائين جاري ناهي ڪئي وئي.

Leave A Comment