سوشل ميڊيا تي سرڪار جو وڌيڪ ڪنٽرول: فيڪ نيوز تي 5 سال قيد ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا: ترميمي بل تيار
ڊسمبر 4, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سوشل ميڊيا تي سرڪاري ڪنٽرول وڌائڻ جون تياريون، حڪومت ڊجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي به ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو، فيڪ نيوز ڏيندڙ کي 5 سال قيد يا 10 لک ڏنڊ جي سزا ملندي. ذريعن موجب حڪومت سائبر ڪرائيم ترميمي بِل جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، مسودي تحت فيڪ نيوز ڏيندڙ کي 5 سال قيد يا 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏني ويندي، ڊجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي قائم ڪئي ويندي، اٿارٽي کي سوشل ميڊيا تي مواد بلاڪ ڪرڻ يا هٽائڻ جو اختيار هوندو، اٿارٽي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن يا ڪنهن ماڻهو خلاف مواد هٽائڻ جو حڪم ڏئي سگهندي، اٿارٽي کي رياست ۽ رياستي ادارن خلاف نفرت جوڳو مواد به هٽائڻ جو اختيار هوندو، دهشتگردي، مذهبي فرقيواريت پکيڙيندڙ مواد به هٽايو ويندو، ترميمي بل تحت ڪنهن شخص کي ڊيڄارڻ، ڪوڙو الزام هڻڻ ۽ پورنوگرافي بابت به مواد هٽائي سگهبو جڏهن ته ڄاڻي واڻي ڪوڙي معلومات پکيڙڻ، خوف، هراس ۽ بدگماني پيدا ڪندڙن کي 5 سال قيد يا 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ملي سگهندي. اٿارٽي هڪ چيئرمين ۽ 6 ميمبرز تي ٻڌل هوندي، جن ۾ 3 ايڪس آفيشو ميمبر شامل هوندا، اٿارٽي جي فيصلي کي ٽربيونل ۾ چيلنج ڪري سگهبو.