| سوشل ميڊيا تي غيراخلاقي مواد شيئر ڪرڻ ڏوهه آهي، ٻارن کي موبائل نه ڏيڻ گهرجي: جسٽس جمال |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عورتن خلاف سوشل ميڊيا تي غير اخلاقي مواد شيئر ڪرڻ واري ڪيس ۾ جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن صورتحال ايتري خطرناڪ آهي ته ٻارن کي موبائل نه ڏيڻ گهرجن. اهڙن ڏوهن کي سختي سان ڏسڻو پوندو، ڇو ته ڪنهن جي عزت کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. سپريم ڪورٽ ۾ سوشل ميڊيا تي عورتن خلاف غير اخلاقي پوسٽون لڳائڻ جي الزام هيٺ جوابدار طيب ڊار جي ضمانت واري درخواست تي جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس مسرت هلالي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل رضوان عباسي دليل ڏنو ته جوابدار طرفان ڦهلايل قابل اعتراض مواد اڃا تائين سوشل ميڊيا تي موجود آهي ۽ عورتن بابت اهڙيون پوسٽون آهن جيڪي عدالت ۾ پڙهي به نٿو سگهجي. جوابدار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته فيس بڪ تي پوسٽون جوابدار جي پٽ لڳايون ۽ پٽ جي عمل تي پيءُ خلاف ڪيس نٿو ٺهي. هن چيو ته پيءُ جي نالي واري سم پٽ استعمال ڪري رهيو هو. جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جاچ مطابق پيءُ ۽ پٽ ٻئي موبائل استعمال ڪندا هئا. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن صورتحال ايتري خطرناڪ آهي ته ٻارن کي موبائل نه ڏيڻ گهرجن ۽ اهڙن ڏوهن کي سختي سان ڏسڻو پوندو، ڇو ته ڪنهن جي عزت کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. جسٽس مسرت هلالي سوال اٿاريو ته ڇا جوابدار کي ڪنهن به نه ٻڌايو ته اُن جي نمبر تان بيهودگي ٿي رهي آهي. دستاويزي ثبوت جوابدار طيب ڊار خلاف آهن. مدعي جي وڪيل وڌيڪ دستاويز جمع ڪرائڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي عدالت مهلت ڏيندي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.