سوشل ميڊيا تي نازييا تصويرون رکندڙ جوابدار کي 7 سال قيد، 2 بري

سوشل ميڊيا تي نازييا تصويرون رکندڙ جوابدار کي 7 سال قيد، 2 بري

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) سيڪنڊ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج محمد اڪمل ميمڻ جي عدالت ٽنڊي جان محمد جي رهواسي جويريه جون نازيبا تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار محمد هارون کي ست سال قيد ۽ هڪ لک رپيا جرماني جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن نمره ۽ وسيم جو ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي ٻنهي کي باعزت بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ، ياد رهي ته جوابدار ڊسمبر 2023 ۾ ٽنڊي جان محمد جي رهواسي جويريه جون نازيبا تصويرون وائرل ڪيون هيون. متاثره جي ڀاءُ محمد اسد جي شڪايت تي وومين پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.