سوشل ميڊيا تي پابندي لڳندي پر ڪڏهن ؟ دفاعي وزير جو اهم بيان

جُون 27, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) حڪومت سوشل ميڊيا تي پابندي جو اشارو ڏئي ڇڏيو، بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ جو آپشن هر وقت موجود آهي ۽ عمل به ڪري سگهجي ٿو

خواجه آصف چيو ته 9مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي جيستائين سزا نه ملندي قدم کنيا ويندا، صرف پارٽي تي پابندي لڳائڻ حل ناهي،هن چيو ته فوجي عمارتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملن تي ملوث ماڻهن جو احتساب ڪيو ويو جيڪو سٺو عمل آهي

وفاقي وزير چيو ته قانون تي عمل لاءِ رنڊڪون پار ڪرڻيون پئجي رهيون آهن جيڪي پار ڪري وينداسين، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ۾ ڪا به رنڊڪ نظر نه اچي رهي آهي چونڊون وقت تي ٿينديون ، ميان نواز شريف سان نا انصافي ٿي کيس ڪوڙي ڪيس ۾ نا اهل ڪيو ويو پهريان ان جو ازالو ٿيڻ گهرجي

Leave A Comment