سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا جو مقصد بي يقيني ۽ مايوسي پکيڙڻ آهي، تحقيق ۽ هاڪاري سوچ بنا معاشرو ڏڦيڙ جو شڪار رهندو آهي: آرمي چيف

جنوري 24, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل عاصم منير  چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا جا مقصد بي يقيني، ڏڦيڙ ۽ مايوسي پکيڙڻ آهي، سوشل ميڊيا جي خبرن جي تحقيق ضروري آهي

 جناح ڪنوينشن اسلام آباد ۾ يوٿ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو  ته تحقيق ۽ هاڪاري سوچ بنا معاشرو ڏڦيڙ جو شڪار رهندو آهي، الله فرمايو آهي ته اي ايمان وارو! جيڪڏهن ڪو فاسق توهان وٽ ڪا خبر کڻي اچي ته اُن جي تصديق ڪرايو

هن چيو ته اسان جي فوج هر قسم جي خطري ۽ سازش خلاف هر وقت تيار آهي، پاڪستان آهي ته اسان آهيون، پاڪستان ناهي ته اسان ڪجهه ناهيون، پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪو سمجهوتو نه  ڪندو

Leave A Comment