سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا جو مقصد ڏڦيڙ ۽ مايوسي پکيڙڻ آهي، رياستي معلومات تي ڀاڙيو: وزيراعظم/آرمي چيف

جنوري 25, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا جا مقصد بي يقيني، ڏڦيڙ ۽ مايوسي پکيڙڻ آهي، سوشل ميڊيا جي خبرن جي تحقيق ضروري آهي

جناح ڪنوينشن اسلام آباد ۾ يوٿ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو آهي ته تحقيق ۽ هاڪاري سوچ بنا معاشرو ڏڦيڙ جو شڪار رهندو آهي، الله فرمايو آهي ته اي ايمان وارو! جيڪڏهن ڪو فاسق توهان وٽ ڪا خبر کڻي اچي ته اُن جي تصديق ڪرايو

آرمي چيف چيو ته اسان جي فوج هر قسم جي خطري ۽ سازش خلاف هر وقت تيار آهي، پاڪستان آهي ته اسان آهيون، پاڪستان ناهي ته اسان ڪجهه ناهيون، پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪو سمجهوتو نه ڪندو

يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته دشمن جي پروپيگنڊا سان مقابلي لاءِ نوجوان رياست جي معلومات تي ڀاڙن، پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون آهن

پاڪ فوج وڏي مهارت ۽ بهادري سان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي، نوجوانن کي پاڪستان جي دشمن جي پکڙيل پروپيگنڊا کي رد ڪرڻ گهرجي

Leave A Comment