هڪ عجيب قسم جي صورتحال آهي۔ مسئلا آهن، ڪجھه مشڪلاتون به آهن۔ سوشل ميڊيا جي ميدانن ۾ ڪوڙ ۽ ڪفر جي فتوائن جو وکر بي ڌڙڪ وڪامجي رهيو آهن۔ خبر ناهي ته پالتو ميڊيا جو بدروح سوشل ميڊيا جي پاڪستاني واھپيدارن جي وڏي حصي تي اثرانداز ٿي ويو آهي يا رڳو لائڪ ۽ ڪمينٽس جي بک آهي، جيڪا ٿڌي نٿي ٿئي؟
گذريل ڪيترن ئي ڪلاڪن کان رڳو اهي مٿيون سٽون ئي لکي سگهيو آهيان۔ ذهن ماؤف آهي، ڇو؟ مان هن سوال جو جواب ڳولي نٿو سگهان۔ اسان جهڙا طالبعلم، جيڪي هميشه کان اهو سمجهندا آيا آهيون ته جديديت ارتقا جو رستو آهي، ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ جديديت کان ڊڄڻ لڳندا آهيون۔
رب مغفرت فرمائي، اسان جي استادن مان هڪ، سيد محمد عباس نقوي رح، چوندا هئا:
“هر نئين دؤر ۾ ڪي ماڻهو ارتقا تي ڌيان ڏين ٿا ۽ ڪي اهڙا به هوندا آهن، جن جي حالت انڌي جي پيرن هيٺ آيل ڀونتريي پکيءَ (ٻٽير/ٻاٽيرو) جهڙي هوندي آهي۔”
خبر ناهي مون کي ڇو لڳي ٿو ته سوشل ميڊيا به انڌي جي پيرن هيٺ آيل ڀونتريو (بٽير/ٻاٽيرو) آهي، ۽ واھپيدارن جي اڪثريت ڀونتريي باز آهي۔ پر سوال اهو آهي ته ڇا ائين رڳو اسان وٽ ئي آهي يا پاڙيسري ملڪن ۽ باقي دنيا ۾ به ساڳي صورتحال آهي؟
پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي بنياد تي اهو عرض ڪري سگهان ٿو ته هر هنڌ ساڳي صورتحال آهي، يعني چهرا ۽ سماج بدلجن ٿا، پر ڪردار لڳ ڀڳ ساڳيا ئي هوندا آهن۔هي سٽون لکندي سيد عدم (سيد عبدالحميد عدم مرحوم) ياد اچي ويو۔ سيد صاحب اردو زبان جو وڏو شاعر هو۔ اهو شعر: “ظرف کے فرق سے آواز بدل جاتی ہے” (هيءُ ٻي مصرع آهي) سندن ئي آهي۔
مثال طور، جڏهن کان ايران ۽ آمريڪا جي جنگ شروع ٿي آهي (ھاڻوڪن ڏينهن ۾ نام نهاد جنگ بندي هلي رهي آهي)، سوشل ميڊيا جي پاڪستاني واھپيدارن مان ٿوري تعداد کان سواءِ باقي سڀني جا اڪائونٽ مارٽر گنن وانگر بڻجي ويا آهن، جيڪي مخالفن تي گولاباري ۾ مصروف آهن۔
“مادر پدر آزاد” وارو مثال به هن صورتحال جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهي، بلڪه ان کان به اڳتي جا معاملا آهن۔ اسان وٽ سرائڪي وسيب ۾ هڪ ڏورانهين وسندي آهي- رڪن پور، جيڪا ضلعي رحيم يار خان ۾ سنڌو درياهه جي ويجهو واقع آهي۔ اها قديم وسندي آهي، تنهنڪري پراڻي وقت جون سوڙھيون بازارون ۽ گهٽيون آهن۔ اهو رڪن پور پنهنجي خوش مزاجي ۽ ظرافت لاءِ به مشهور آهي۔
خير، رڪن پور بابت هڪ مشهور واقعو آهي ته ان جي بازار ۾ ٻه دڪاندار گارگند ۾ مصروف هئا۔ ان دوران بازار ۾ ڪجهه عورتون داخل ٿيون۔ ڇو ته جهڳڙو پنهنجي عروج تي هو، تنهن ڪري هڪ نرم دل دڪاندار اڳتي وڌي عورتن کي روڪيندي چيو: “منهنجيون مائرو ۽ ڀينرو، اڳتي گاريون هلي رهيون آهن، توهان ھتي ئي بيهي رھو، متان ڪا گار اوهان کي نه لڳي وڃي۔”
اڄڪلهه سوشل ميڊيا جي حالت به وسندي رڪن پور جي سوڙھين گهٽين واري بازار جهڙي ٿي وئي آهي، جتي سياست، مذهب، عقيدي، قوميت، ٻولي ۽ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن بنيادن تي انڌاڌنڌ گاريون هلي رهيون آهن، ۽ خبر ئي نٿي پوي ته ڪير ڪڏهن ڪنهن گار جي نشاني تي اچي وڃي۔
مون سميت ڪيترائي ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن تحريڪ انصاف کي موجوده گارگند جي سلسلي جو ذميوار ٺهرائين ٿا، پر اهو پورو سچ هرگز ناهي۔ هن نفعي بخش ڪاروبار جون پاڙون دستياب مسلم تاريخ ۾ گهڻو پري تائين وڃن ٿيون۔پر اسان مسلم تاريخ جا ورق اٿلائڻ ۽ جواب ۾ فتوائن جو کاڄ ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ کي ضروري سمجهون ٿا۔ بزرگ چوندا هئا: “جان آهي ته جهان آهي”، جڏهن ته همزاد فقير راحمون چوندو آهي: “شاهه صاحب، عزت جي ڀيل ڇو ڪرائي وڃي؟”
چڱو، هي عرض ڪريان ٿو ته سوشل ميڊيا جو واھپيدار هجڻ جي حيثيت ۾ لڳ ڀڳ پندرهن سالن کان لڳاتار اهو خيال ظاهر ڪندو آيو آهيان ته ڪو اهڙو طريقو هئڻ گهرجي جو پاڪستان جي حد تائين سوشل ميڊيا اڪائونٽ، واھپيدار جي تصديق ٿيل مڪمل سڃاڻپ سان مشروط هجي۔ اها سڃاڻپ شناختي ڪارڊ به ٿي سگهي ٿي۔ منهنجي خيال ۾ ان جي ضرورت هميشه هئي ۽ رهندي۔
پر ايران- آمريڪا جنگ کان پوءِ جنهن طريقي سان سوشل ميڊيا کي رڪن پور وسنديءَ جي بازار بڻايو ويو آهي ۽ جيڪا گارگند ۽ ڪفر جون فتوائون اچي رهيون آهن، ان حالت ۾ اهو تمام ضروري ٿي ويو آهي ته ان حوالي سان به ڪجهه قانون سازي ڪئي وڃي۔ ٻيهر عرض ڪريان ٿو ته ڪجهه فرقيواراڻين جماعتن جا حمايتي پنهنجي پنهنجي عقيدن جي حق سچ ھجڻ جي نالي تي سوشل ميڊيا تي جيڪو ڪجهه لکي رهيا آهن، ان مان پيدا ٿيندڙ نفرتون اسان جي سماج کي وڌيڪ تباهين سان “سرفراز” ڪنديون۔
ڪڏهن ڪڏهن حيرت ٿيندي آهي ته اقتدار ۽ اختيار ڌڻين جي خلاف ننڍين ننڍين ڳالهين يا معمولي ڪمينٽس تي فوراً ڪيس داخل ٿي وڃي ٿو ۽ ترت ئي گرفتاري ٿي وڃي ٿي، پر سوشل ميڊيا تي ٽرمپ جي ناشتي جي بدہضمي جو شڪار ٽولو هجي يا ٻيا فرقي پرست، سڀئي رڪن پور جي دڪاندارن کان به ست وکون اڳتي نڪري گاريون ڏيڻ ۽ ڪفر ڪفر جي راند ۾ رڌل آهن۔ انهن کوهه جي ڏيڏرن کي ڪير سمجهائي ته رياستن جا لاڳاپا مذهبن ۽ فرقيواراڻن ڌنڌن تي نه، پر سياسي ۽ معاشي مفادن تي بيٺل هوندا آهن۔
اسان جي سامهون زنده مثال گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ پيدا ٿيل وٿي ۽ ويڇا آهن۔ جيڪڏهن مذهب ۽ عقيدو انهن لاڳاپن جي ضمانت هجي ها ته جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، اهو نه ٿئي ها۔
ٻيا ٻه مثال هن ريت سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو: ايران، جنگ بندي لاءِ پاڪستان جي تازين ڪوششن جو معترف آهي؛ سعودي عرب سان پاڪستان جو دفاعي معاهدو موجود آهي۔ ايران- آمريڪا جنگ دوران ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو، ۽ اهو پاڪستان ئي هو، جنهن هن ڇڪتاڻ کي جنگ ۾ تبديل ٿيڻ کان روڪيو۔
ٻئي پاسي، گڏيل عرب امارات ايران- آمريڪا جنگ جي دوران ايران سان پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جي مرحلي ۾ پاڪستان کان جيڪا مدد گهري، اها مهيا ڪرڻ ممڪن ئي نه هئي۔ گڏيل عرب امارتن وارن ان تي ناراضگي ظاهر ڪئي، پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو سڀني جي سامهون آهي۔
اسان جو اجتماعي الميو اهو آهي ته اسان مان هر هڪ ماڻهو پاڪستان کي پنهنجي عقيدي جي لٺ سان ھڪلي، پنهنجي مرضي جي پرڏيهي پاليسي چاهي ٿو، جڏهن ته اهو ممڪن ناهي۔ جيڪو ممڪن آهي، اهو پاڪستان هن وقت ڪري به رهيو آهي۔
جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان تي ڀارت جي مودي سرڪار، پالتو ميڊيا ۽ تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا مجاهدن جي وچ ۾ گھڻي فڪري ھڪجھڙائي نظر اچي رهي آهي۔
گذريل ڏينهن هڪ دوست اسان جي هڪ مختصر تحرير تي طنز ڪندي چيو: “شاهه صاحب، توهان مصلحت پسندي جو شڪار ٿي ويا آهيو۔” ان دوست کي ڪيئن سمجهايان ته مان اڌ صديءَ کان پنهنجي موقف تي قائم آهيان۔ ان عرصي دوران هو ترقي پسند کان رجعت پسند بڻيو، وچ ۾ عمران خان جي محبت ۾ گرفتار ٿيو، ۽ اڄڪلهه مسلم ليگ (ن) ۾ آهي۔ ان جي ڀيٽ ۾، 2022 جي بي اعتمادي واري تحريڪ کان وٺي اڄ تائين، اسان موجوده نظام ۽ اسٽيبلشمينٽ جي حق ۾ ڪو ھڪ لفظ به نه لکيو ۽ نه چيو آهي۔ البته، اسان لڳاتار اهو اظهار ڪندا رهيا آهيون ته سيڪيورٽي اسٽيٽ جي گهيري مان حڪمت عملي سان نڪرڻو پوندو؛ ڪنهن به قسم جي جنگ سيڪيورٽي اسٽيٽ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي۔
ڪالم جي دامن ۾ هاڻي وڌيڪ گنجائش نه آهي، باقي ڳالهيون پوءِ ڪبيون۔