سوشل ميڊيا ڏسي فيصلو نه ڪيو وڃي ها ته انصاف ٿئي ها: اي اين پي

آگسٽ 29, 2023

ڪراچي (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي پاران به عدالتي فيصلي تي ردعمل ڏنو ويو آهي، اي اين پي جي ترجمان زاهد خان چيو ته رياست ۾ رٽ نه هجي ته ان ۾ انسان ڪيئن رهي سگهي ٿو، اڄوڪو فيصلو غلط فيصلو آهي اهڙو مثال نٿو ملي

زاهد خان چيو ته سوشل ميڊيا ڏسي فيصلو نه ڪيو وڃي ته شايد ملڪ ۾ انصاف ملي ها، فيصلي تي تنقيد اسان جو حق آهي، گاريون ته نٿا ڏيون

هن چيو ته نواز شريف جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ مانيٽرنگ جج لڳايو هو، ٻين ڪيسن ۾ ڇو دل ۾ انسانيت نٿي جاڳي، اسان  سمجهون ٿا ته هي انصاف جو قتل آهي، عمران چوري ڪئي آهي جنهن جا سمورا ثبوت آهن پوءِ به هي لاڏلو بڻيل آهي

Leave A Comment