| سولر تي ڪو به نئون ٽيڪس لاڳو ناهي ڪيو: نيپرا پاران وضاحت جاري |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سولر لائسنسنگ جي معاملي تي صارفين پريشان، نيپرا صورتحال واضح ڪري ڇڏي. اختيارين جو چوڻ آهي ته سولر لائسنسنگ بابت غلط معلومات ڦهلائي وئي آهي، سولر نيٽ بلنگ صارفين کي نيپرا کان منظوري وٺڻي پوندي، 25 ڪلو واٽ کان گهٽ ڪيپيسٽي وارن ڪنيڪشن جي منظوري جو اختيار ڊسٽريبيوشن ڪمپنين وٽ هو، آف گرڊ صارفين جو نيپرا منظوري سان ڪو به تعلق ناهي، نئين ريگيوليشنز کان اڳ نيپرا 25 ڪلو واٽ کان وڌيڪ ڪنيڪشن جي منظوري ڏيندي هئي، آن گرڊ سولر ڪنيڪشن لاءِ صرف هڪ ڀيرو هڪ هزار رپيا في ڪلو واٽ فيس مقرر ڪئي وئي آهي، سولر تي ڪو به نئون ٽيڪس لاڳو ناهي ڪيو ويو.