سولر پينلز تي ٽيڪس رد
جُون 12, 2025
اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي ترجمان شازيه مري، موجوده مهانگائي واري ماحول ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ کي ڪافي نه قرار ڏنو.
بجيٽ تي رد عمل ڏيندي شازيه مري چيو ته هوءَ سولر پينلز تي 18 سيڪڙو ٽيڪس کي رد ڪري ٿي، هن وڌيڪ چيو ته موجوده مهانگائي ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافو به ڪافي ناهي.
هن چيو ته 400 ارب رپين جي حيدرآباد-ڪراچي موٽر وي منصوبي لاءِ صرف 15 ارب رپيا مختص ڪري هڪ مذاق ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف وفاقي بجيٽ ۾ سولر پينلز تي 18 سيڪڙو ٽيڪس جي تجويز کانپوءِ دڪاندارن سولر پينلز جون قيمتون وڌائي ڇڏيون آهن.
فيصل آباد ۾ خريد ڪندڙن کان في واٽ 3 کان 6 رپيا اضافي وصول ڪيا پيا وڃن، جنهن تي شهرين حڪومت کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.