| سول حڪومت جي خرچن ۾ واڌ 12.5 سيڪڙو رهي: ناڻي وزارت |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي وزارت سول حڪومت جي خرچن بابت ميڊيا رپورٽن تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ ناڻي وزارت چيو آهي ته سول حڪومت جي خرچن بابت ڪجهه رپورٽون حقيقتن جي مڪمل ابتڙ پيش ڪيون ويون آهن. سول حڪومت جي خرچن ۾ مجموعي واڌ 12.5 سيڪڙو رهي. مالي سال 2024-25 جي پهرين نون مهينن دوران سول حڪومت جا خرچ 559 ارب رپيا رهيا. مالي سال 2025-26 جي پهرين نون مهينن دوران سول حڪومت جا خرچ 629 ارب رپيا رڪارڊ ڪيا ويا. ملازمن سان لاڳاپيل خرچن ۾ لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو واڌ ٿي. هي واڌ وفاقي بجيٽ ۾ پگهارن ۽ الائونسز ۾ اضافي سبب ٿي. ان جي ابتڙ غير ملازمتي خرچن ۾ 31 ارب رپين جي واڌ رپورٽ ٿي. غير ملازمتي خرچن ۾ واڌ جو وڏو حصو اي پي آئي پروگرام لاءِ مختص فنڊ آهن.