سول سوسائٽي، عالم، روينيو اختياريون ۽ قانوني ماهر عورتن جي حقن جي لتاڙ کي روڪين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ عورتن جي وراثت واري حقن بابت هڪ اهم فيصلو جاري ڪندي 71 سالن کان پوءِ ڀينرن ۽ والده کي وراثت واري ملڪيت ۾ سندن حصو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس شاهد بلال حسن پاران 13 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو. جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ ۽ ٽرائل ڪورٽ جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏنا ويا. عورتن جي وراثت واري حقن جو تحفظ رڳو رياست جي ذميواري نه پر سول سوسائٽي، عالمن، روينيو اختيارين ۽ قانوني ماهرن جي به ذميواري آهي ته اهي انهن حقن جي لتاڙ کي روڪين. سپريم ڪورٽ واضح ڪيو ته وراثت عورتن جو شرعي ۽ قانوني حق آهي، جڏهن ته عورتن کي وراثتي حقن کان محروم رکڻ نه رڳو غير آئيني پر غير اسلامي عمل پڻ آهي. عدالت چيو ته جعلي هبه، فراڊ يا خانداني دٻاءُ ذريعي عورتن جا وراثتي حق ختم نٿا ڪري سگهجن، ۽ اهڙن معاملن ۾ عدليه کي مڪمل چوڪس رهڻ گهرجي. فيصلي موجب 1955ع ۾ روشن جي وفات کان پوءِ ٻن ڀائرن وراثتي ملڪيت پنهنجي نالي ڪرائي ورتي ۽ زباني هبه جو جواز ڄاڻائي والده ۽ ڀينرن کي سندن حق کان محروم ڪيو ويو. عدالت قرار ڏنو ته ٽرائل ڪورٽ بارِ ثبوت جو صحيح جائزو وٺڻ بدران زباني هبه کي ئي ثبوت طور قبول ڪيو، جڏهن ته ٽرائل ڪورٽ، اپيليٽ ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا فيصلا حقيقتن ۽ قانون جي ابتڙ هئا. سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ هبه کي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين چئلينج نه ڪيو ويو، پر ان جي قانوني حيثيت ثابت ڪرڻ جي ذميواري انهن ماڻهن تي هئي، جيڪي ان مان فائدو حاصل ڪري رهيا هئا. عدالت رڪارڊ جو حوالو ڏيندي چيو ته ڪيترن ئي سالن تائين والده ۽ ڀينرن کي زمين جي آمدني مان حصو ملندو رهيو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته کين مبينا هبه بابت بي خبر رکيو ويو هو. ان بنياد تي عدالت عورتن جي وراثتي حقن کي بحال ڪندي کين ملڪيت ۾ سندن قانوني حصو ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو.