سول نافرماني تحريڪ جو فيصلو ناهي ٿيو، سومنات ۽ پاڻي پت جهڙي جنگ ڪبي، محمود غزنوي جيان 17 حملا ڪنداسين: گنڊاپور
ڊسمبر 8, 2024
ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اڃا سول نافرماني جي تحريڪ جو فيصلو ناهي ٿيو، محمود غزنوي جيان 17 حملا ڪنداسين، پاڻي پت جنگ ڪئي ويندي، ڊيرا اسماعيل خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته گورنر واندو ماڻهو ان جي اي پي سي تي لعنت ٿو وجهان. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊي چوڪ تي اسان جي ڪارڪنن تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي، حڪومت قلم 144 لڳائي اسان جي ماڻهن کي قتل ڪرايو، 12 ورڪر شهيد ۽ 107 ورڪر اڃا تائين گم آهن، جن بابت خدشا آهن، هزارين ڪارڪن گرفتار ۽ زخمي آهن، ڪارڪنن جو رت رائيگان نه ويندو. گنڊاپور چيو ته پاڻي پت جنگ جيان حملا ڪنداسين، 5 حملا ڪيا آهن، جيئن محمود غزنوي 17 حملا ڪيا، اسان بس ائين ئي حملا جاري رکنداسين، پاڻي پت جي برابر پهچي چڪا آهيون ۽ سومنات وانگر اڳتي وڌون پيا، فتح حاصل ڪنداسين، پ پ ۽ ن ليگ گڏجي گيم ڪئي آهي، اهي ملڪ اندر نفرتون پکيڙي گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهين ٿا، حڪومت اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو آهي. علي امين گنڊاپور چيو ته سول نافرماني جو فيصلو ناهي ٿيو، اڃا ڳالهيون ٿيڻيون آهن، اسان ملڪ خاطر ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، حڪومت کي ڳالهيون ناهن ڪرڻيون ته پوءِ به اسان هلي رهيا آهيون. هن چيو ته بشريٰ بي بي سان آخر تائين گڏ هئس، ان کي اتان آئون وٺي آيس، ان کان علاوه ڪنهن جي باري ۾ ان جي ذاتي راءِ تي اها پاڻ ئي جواب ڏئي سگهي ٿي.