سول نافرماني جو معاملو اڃا واضح ناهي، عمران جون هدايتون آيون ته ڏسنداسين، گولي هلائيندڙ ۽ حڪم ڏيندڙن کي جواب ڏيڻو پوندو:گنڊاپور

ڊسمبر 16, 2024

پشاور (م ڊ) وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور چيو آهي ته سول نافرماني جي تحريڪ جو معاملو اڃا واضح نه آهي، باني جون واضح هدايتون آيون ته ڏسنداسين، پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خيبرپختوپخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته سول نافرماني جو اعلان مون نه پي ٽي آءِ باني ڪيو آهي، سندس حڪم تي مڪمل طور عمل ڪيو ويندو، تحريڪ ڪيئن هلندي، ڪيترا مرحلا هوندا، ڪيترو وقت تحريڪ هلندي اهو اڃا واضح ناهي ٿيو، عمران حڪم ڏنو ته عمل ڪنداسين، هن چيو ته جڏهن به ڪا تحريڪ هلندي آهي ته ڪي پي فرنٽ لائين تي هوندو آهي، هن چيو ته اهو سوال اٿاريندا رهنداسين ته گولي ڇو هلائي، پي ٽي آءِ احتجاج دوران گولي هلائيندڙن، حڪم ڏيندڙن کي جواب ڏيڻو پوندو، قانون ۽ اسلام جو نظام اچڻ تائين احتجاج جاري رهندو، آئيني حق نه ڏنو ويو ته احتجاج ۽ تحريڪ جاري رهندي، اسان جا مطالبا آهن ته عمران کي آزاد ڪيو وڃي، اسان جو مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي، 26هين آئيني ترميم وارو غيرقانوني قدم واپس ورتو وڃي، اهو اسان جو آئيني حق آهي جيڪو نه پيو ڏنو وڃي. علي امين گنڊاپور چيو ته  وفاق ۾ اسان جي حڪومت نه هجڻ سبب مسئلا ٿي رهيا آهن، وفاق کان صوبي جا پئسا وٺڻ ۾ ڏکيائيون ٿي رهيون آهن پر پئسا ضرور وٺنداسين، هن چيو ته دهشتگرد سرحد پار ڪرڻ بعد اسان جي پهچ کان پري ٿي ويندا آهن، افغانستان پاڙيسري ملڪ آهي، سڄي دُنيا ان کي قبول ڪري چڪي آهي، افغانستان سان ڳالهين کانسواءِ صوبي ۾ امن نٿو ٿي سگهي.

Leave A Comment