سول نافرماني جي تلوار لٽڪائي ڳالهيون ناهن ٿينديون، پراڻا رويا ڇڏي معافي وٺڻي پوندي: نواز ليگ
ڊسمبر 13, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جي سينيٽرن چيو آھي ته فساد نٿا چاهيون، پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ تيار آھيون پر ڏوهاري، فيض حميد، ثاقب نثار جي ڳٽ جوڙ کي بچائڻ لاءِ ڳالهيون نه ٿينديون، اوهان کي ماضي جي مامرن تي معافي وٺڻي پوندي، تفصيل موجب ڪالھ به سينيٽ اجلاس ۾ 26 نومبر تي پي ٽي آء احتجاج تي ٿيل شيلنگ مامري بحث جاري رهيو مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته سِول نافرماني جي تلوار لٽڪائڻ سان ڳالهيون نه ٿينديون آهن، ڳالهيون ڪرڻ گهرو ٿا ته بسم الله، اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، اسان ملڪ ۾ فساد نٿا چاهيون، ڪيترو ئي طاقتور جانور ڇو نه هجي اُن ۾ افهام ۽تفهيم ناهي هوندي. پر امن احتجاج استحقاق آهي پر دنيا ۾ هي حق ڪٿي غير مشروط ناهي. پر امن احتجاج ڇا ماريو يا مري وڃو ۽ الجهاد جي نعرن سان شروع ٿيندو آهي. پر امن احتجاج جي شروعات ڇا هٿياربند ٿي، ڏنڊو ساڻ کڻي اچڻ سان ٿيندي آهي. جيڪڏهن آمريڪا جي رياست تي ڪو لشڪر ڪشي ڪري ته ان جو رد عمل ڇا هوندو؟ اسان ڪڏهن دروزا بند ناهن ڪيا. اڄ به کليل دل سان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون اسان مٿان تلوارون نه لٽڪايون وڃن ۽ چيو وڃي ته چور چور نه آھن .پي ٽي آء سينيٽر علي ظفر چيو ته هن ملڪ ۾ جمهوريت ختم ٿي چڪي آهي. ظالمانه نظام لاڳو آهي. سموريون ناانصافيون ڏسي اسان ڪيئن خاموش رهي سگهون ٿا. هي اسان جي گهر کي لٽي رهيا آهن، ڪو پراسيز ناهي. باني تحريڪ انصاف سان هاڻي ملي آيو آهيان. اُن کي هن قوم مان وڏيون اميدون آهن. باني تحريڪ انصاف چيو ته هن قوم کان طاقت جي زور تي حق نٿا کسي سگهجن. اوهان کي جيڪو ظلم ڪرڻوآهي ڪريو، قوم سان گڏ بيٺل آهيون. سينيٽر علي ظفر جي خطاب ۾ مسلم ليگ ن جي سينيٽر ناصر بٽ مداخلت ڪئي. پر چيئرمين سينيٽ کيس خاموش ڪرائي ڇڏيو. سينيٽر علي ظفر تقرير جاري رکندي چيو ته ڳالهين جا دروازا بند نه ٿيڻ گهرجن، حڪومت پاران اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ قدم نه کنيا پيا وڃن. حڪومت اعتماد جي بحالي لاءِ قدم کڻي ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، سچ سامهون آڻڻ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي، اسان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي، پر اسان تي الزام لڳايو ويندو آهي ته اسان ڳالهيون ناهيون ڪندا. ڪميٽي ٺاهي اسان اهڙن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان سينيٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان عوام کي زمين تي ڇڏي ڀڄندا ناهيون. توهان رياست تي حملو ڪيو آهي، منهنجو منهن نه کولرايو، اسان اهڙي آزادي نه گهري جيڪا پي ٽي آءِ وارا گهري رهيا آهن. زرداري صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ڇا هنن ڏنڊي جو استعمال نه ڪيو. توهان جي حڪومت ۾ ڪيترائي ڀيرا مون چيو هو ته جيترو ظلم توهان برداشت ڪري سگهو اوترو ڪريو. فريال ٽالپر ۽ مريم نواز کي ڪيئن کنيو ويو، هاڻي جيل برداشت ڪريو،ڪنهن به پارٽي اهو نه ڪيو آهي جيڪو توهان 9 مئي تي ڪيو. آهي، پي ٽي آءِ وارا ڄاڻي چڪا آهن ته هو ڪنهن به ناجائز طريقي سان فائدو نٿا کڻي سگهن. پي ٽي آءِ پنهنجي عمل تي معافي گهري، ن ليگ جي سينيٽر طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي قيام کان وٺي ڪڏهن به مفاهمت جي ڳالهه ناهي ڪئي، ڳالهه سزائن تائين پهتي آهي ته گهٻرائجي ويا آهن. سينيٽر طلال چوڌري چيو ته گهٻرائڻو ناهي. هي پريشان ٿي ويا آهن ان ڪري ڳالهيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ڇا هاڻي اسان چور ۽ ڌاڙيل ناهيون. توهان چوندا هئا ته چورن سان هٿ نه ملائينداسين، ڇا هاڻي چور نه رهيا آهيون، جي يو آءِ سينيٽر عبدالواسع چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ٻيون پارٽيون حڪومت تي ڪيئن اعتماد ڪري سگهن ٿيون. جڏهن پي ٽي آءِ ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي ته ان تي طعنا ڇو ٿا ڏنا وڃن. مسلم ليگ ن ۽ پ پ کي اهو نه سوچڻ گهرجي ته سندن حڪومت قيامت تائين قائم رهندي. پي ٽي آءِ سان جيڪو حشرٿيو آهي ن ليگ ۽ پ پ جو به اهو حشر ٿيندو . مدرسن جي بل تي موجوده صورت ۾ صحي ٿيڻ گهرجن، مدرسا اسان جي ريڊ لائن آهن ان تي ڪو سمجهوتو نه ڪنداسين، اسان اسلام آباد اينداسين، ڇا توهان اسان تي به گولي هلائيندا. سينيٽر افنان الله خان سينيٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست ڇا آهي، ڪڏهن چيني وزيراعظم جو دورو روڪين ٿا، ڪڏهن ايس سي او ڪانفرنس کي روڪيو وڃي ٿيو، توهان آءِ ايم ايف کي خط لکي پاڪستان کي قرض نه ڏيڻ جو چيو، 26 ڪروڙ عوام جي ملڪ کي هڪ شخص جي مفاد جي ڪري نقصان پهچايو ويو. هڪ ڏينهن پي ٽي آءِ جو باني نه هوندو پر هي ملڪ هوندو، سينيٽر جان محمد چيو ته سياسي معاملن جي حل جي لاءِ سياسي ماڻهن کي طاقتور ماڻهن سان ڳالهائڻ گهرجي. سمورن سياسي قوتون کي گڏجي بلوچستان جي مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي. مسئلن جو حل ڳالهين ۾ ئي ممڪن آهي. مسئلن کي سمجهي مفاهمتي پاليسي کڻي اڳتي وڌڻ گهرجن. بلوچستان ۾ ڳالهائين بجاءِ طاقت واري پاليسي اختيار ڪئي وئي. بلوچستان ۾ طاقت واري پاليسي سان مسئلا وڌيا آهن.