| سونمياڻي ڪچي ۾ پوليس_رينجرز آپريشن بند: 10 ڌاڙيل مارڻ ۽ 7 مغوي ڇڏائڻ جي دعويٰ |
اوٻاوڙو(رپورٽ: فيض الله سميجو) سنڌ پنجاپ دنگ سونمياڻي ضلع راڄنپور راضي جي ڪچي ۾ هلندڙ سنڌ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن ستين ڏينهن بند ٿي ويو، ڊي آ۽ جي ستن ڏينهن جي آپريشن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. پريس رليز جي پڌرائي مطابق آپريشن دوران 50 لک انعام رکيل 4 خطرناڪ ڌاڙيلن سميت 10 کان وڌيڪ ڌاڙيل مارجي ويا جڏهن ته درجن کان وڌيڪ زخمي ٿيا 7 مغوي پنجاپ رحيميارخان جي علائقي واسي بازياب ڪرايا ويا ۽ هڪ مغوي ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو جنهن جي لاش هٿ ڪئي وئي پوليس ۽ ڌاڙيلن جي مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار صفدر عرف هيرو چاچڙ زخمي ٿي پيو. بکراڻي گينگ جون ٻه عورتون به گرفتار ڪيون ويون ۽ ڪيترن ئي ڌاڙيلن جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري ساڙيو ويو ۽ انهن جي گهرن ۽ مورچن مان ڳرا هٿيار هٿ ڪيا ويا جيڪي وانا وزيرستان ۾ هوندا آهن. مارجي ويل خطرناڪ ڌاڙيلن ۾ ڇلو بکراڻي،لالاعرف هزاره سيکاڻي، عبدالله دشتي، اقبال عرف بالو گلراڻي مزاري شامل هئا، جن مٿان 50 لک روپيا انعام رکيل هو. مسافر بس مان اغوا ٿيل سڀ مسافر بازياب ٿي ويا جڏهن ته ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار صفدر عرف هيرو چاچڙ زخمي ٿي پيو هو جيڪو زخمي جي طبيعت سڌاري طرف آهي راڄڻپور ڪچي کي آپريشن دوران ڪليئر قرار ڏيندي هٿ ڪيل ڳرا هٿيار ۽ٻيو سامان ضلع راڄڻپور جي ٿاڻي ٽلو بنگلي حوالي ڪري مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.