قاضي احمد (رپورٽ: الهه رکيو سيال)قاضي احمد ويجهو ڏيڍ صدي جي تاريخ رکندڙ سونهن جي علامت ڌڱاڻو ٻيلو تفريح جو مرڪز بڻجي ويو
تعلقي جي ڪچي جي علائقي سنڌو درياءُ جي ڪنڌي تي 90 لک وڻ رکندڙ 3 ھزار ايراضي ايڪڙ تي مشتمل سرڪاري ٻيلو ڪوٽ ڌڱاڻو اڄ به سونھن جي علامت بڻيل آھي
فاريسٽ کاتي ۽ علائقي واسين جي ڪميونٽي بنيادن تي گڏيل ڪوششن سان ڪوٽ ڌڱاڻو ٻيلو ماحولياتي آلودگي کي روڪڻ جو سبب بڻيل آھي، فطرتي ماحول کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ھڪ سئو ايڪڙن تي جوڙيل ڍنڍ سياحن لاءِ ويٽ ليڊ جو قيام عمل ۾ آڻي گھمڻ جو مرڪز پڻ جوڙيو ويو آھي
قاضي احمد کان 15 ڪلوميٽر اولھه طرف 27 چوڪڙين تي مشتمل ٻٻر، ڪنڊي، باھڻ، لئي جي گھاٽن وڻن ٻيلي ۾ نه رڳو خوبصورتي وڌائي آهي پر آڪسيجن موهيا ڪندڙ ساھه وارين شين لاءِ فائدي مند ثابت ٿيا آهن
انگريزين جي دور 1887ع ۾ قائم ڪيل ڪوٽ ڌڱاڻو ٻيلو جي سونهن بچائڻ لاءِ راضي خان جتوئي درياءُ خان جتوئي، ماهي خان جتوئي جي رھواسين جي ڀرپور تعاون ۽ سرڪاري ٻيلي جا وڻ وڍائڻ واري عمل کي راڄوڻي طور قران پاڪ تي حلف کڻي بچايو ويو
ان حوالي سان ڊويزنل فارسٽ آفيسر ثناء الله بليدي ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آھي ته ھاڻ فاريسٽ جي زمين زراعت لاءِ استعمال نه ٿيندي پھريان ماضي ۾ ليز پالسيون هيون اهڙي اجازت هئي هاڻ اجازت نه هوندي
ٻيلو بچايو ڪاميٽي جي مقامي اڳواڻ ڌڻي بخش ڪلوئي چيو ته ٻيلن جي زمين تي جيڪو به قبضو ڪندڙ آھي اهو غريب نه هوندو اهو بااثر ماڻھو هوندو آھي جنهن کي مٿان کان مدد مليل ھوندي آھي
فاريسٽ گارڊ اصغر چانڊيو چيو ته ٻيلو بچائڻ ۾ علائقي جي ڳوٺاڻن جو مانائتو ڪردار آھي سندن سهڪار سان ڪاٺ وڍيندڙ ۽ ٻيلن جي دشمنن کي روڪيو آھي، ٻيلي کاتي جا ملازم بي هٿيار آھن اسان وٽ ڪا به فورس ناهي تنهن جي باوجود ٻيلي کي وڍجڻ کان هن وقت تائين بچايو آھي
ڌڱاڻو ٻيلي ۾ ڪهڙا پکي ۽ جانور موجود آهن؟
ڪوٽ ڌڱاڻو فاريسٽ جي گھاٽن وڻن ڪنڊي، لئي، باھڻ ۽ ٻٻر لکين جيوت کي پناھه فراهم ڪن ٿا، پکين ۾ اڇو تتر، ڪارو تتر، ڪٻر، هيڙھو، ڳيرو سميت جھرڪيون موجود آهن جڏهن ته جانورن ۾ ڦاڙھو، سوئر، سيڙھه، گدڙ ۽ ٻين جانورن کي پناھه ملي آھي
ٻيلي جي زمين تي مالڪي جي دعويٰ تي جهيڙن دوارن 2 حياتيون کسجي چڪيون
وڏي پکيڙ رکندڙ سنڌو درياءُ جي ڪنڌي تي واقع ڪوٽ ڌڱاڻي ٻيلي جي زمين تي 15 سال اڳ بااثر قبضيدار ڌرين ھٿياربندن جي مدد سان سوين ايڪڙ ايراضي زمين تي قبضو ڪيو هو، ٻيلي جي زمين تي مالڪي جي دعوا ڪندڙ ڌرين جي جهيڙي سبب فائرنگ دوران 2 انساني جانيون موت جو کاڄ بڻيون هيون جنهن بعد بااثر سياسي ڌر جي مداخلت تي هٿياربندن ٻيلي جي زمين تي قبضو ختم ڪيو هو