(گل محمد عمراڻيءَ جي محمد علي پٺاڻ جي ڪتابن تي لکيل تبصرن ۽ تجزين جي ڪتاب “آڇيندي لڄ مران” جو جائزو)
(ٻيون ۽ آخري حصو)
هي لفظ صرف ڪنھن نقاد جا رايا نه آهن؛ اهي هڪ وڏي دانشور جي دل مان نڪتل شاهدي آهن، جيڪا محمد علي پٺاڻ جي ادبي عظمت، سندس شخصي جدوجهد ۽ سنڌي ادب سان سندس غيرمشروط وابستگيءَ کي تاريخ جي حافظي ۾ محفوظ ڪري ٿي۔ هن خراجِ تحسين مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته محمد علي پٺاڻ جي ادبي سفر کي رڳو سندس ڪتابن سان نه، پر سندس ثابت قدمي، فڪري سچائي ۽ پنھنجي ڌرتيءَ سان بي لوث محبت جي تناظر ۾ سمجهڻ گهرجي۔ اهڙيءَ ريت، ”پلئه پايو سچ“ (Nothing But Truth) صرف تنقيدي مضمونن جو مجموعو نه، پر سنڌي ادب جي فڪري تسلسل، تخليقي عظمت ۽ سچ جي تلاش جو هڪ روشن ادبي دستاويز بڻجي سامهون اچي ٿو۔
مسافتون ياد جون “The Odyssey of Memories” بابت لکيل تنقيدي جائزو پڻ پنھنجي نوعيت جو هڪ منفرد ادبي شاهڪار آهي۔ هيءُ شاعراڻي ناول، جيڪو وجودي خال (Nihilism)، انساني بي وسي، يادگيرين جي ڪرب ۽ خودشناسي جي گهري تجربي سان ڀرپور آهي، پنھنجي موضوع جي وسعت ۽ آتم ڪٿائي (Autobiographical) انداز سبب سنڌي ادب ۾ هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو۔ گل محمد عمراڻي صاحب، محمد علي پٺاڻ جي تخليق کي رڳو هڪ ادبي متن طور نه، پر انساني وجود، يادگيرين، درد، جدوجهد ۽ جمالياتي شعور جي هڪ اهڙي زندهه دستاويز طور پڙهي ٿو، جيڪو ذاتي تجربن کي آفاقي انساني احساس ۾ تبديل ڪرڻ جي غيرمعمولي صلاحيت رکي ٿو۔ اهڙيءَ ريت “The Odyssey of Memories” رڳو هڪ آتم ڪٿائي شاعراڻو ناول نه، پر سنڌي ادب ۾ انسان جي باطني سفر، وجودي سوالن ۽ ياد جي ازلي طاقت جو هڪ منفرد فڪري ۽ جمالياتي اظهار بڻجي سامهون اچي ٿو.
گل محمد عمراڻي صاحب جي هنن خيالن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته،”Nothing But Truth” جو بنيادي جوهر محمد علي پٺاڻ جي تخليقي عظمت، سندس وسيع تخيل، فڪري گهرائي، موسيقيت، جمالياتي شعور، انساني خوشين ۽ ڏکن جي اهڙي فني اظهار ۾ سمايل آهي، جيڪو پڙهندڙ جي ذهن ۽ دل تي هڪ ڊگهي عرصي تائين گونجندڙ تاثر ڇڏي وڃي ٿو.
اهوئي احساس خاص طور تي سندس شعري مجموعي “The River Is Flowing Slowly” بابت لکيل تنقيدي جائزي ۾ به نمايان نظر اچي ٿو، جنھن کي اسان جي همعصر مترجمن مختلف ٻولين ۾ منتقل ڪيو آهي. هيءَ نظم رڳو ذاتي ڪرب جو بيان نه آهي، پر هڪ حساس انسان جي وجودي سوالن، سماجي بي انصافي، وقت جي بي رحمي ۽ انساني روح جي اڪيلائيءَ جو اهڙو فڪري احتجاج آهي، جيڪو پنھنجي صداقت، جماليات ۽ داخلي موسيقيءَ سبب پڙهندڙ جي دل ۾ گهڻي دير تائين گونجندو رهي ٿو. عمراڻي صاحب جي تنقيدي نگاهه انهيءَ گونج کي نه صرف محسوس ڪري ٿي، پر ان جي فڪري ۽ ادبي اهميت کي به وڏي نفاست سان اجاگر ڪري ٿي۔
هن شعري مجموعي جي شاعريءَ بابت ڳالهائيندي گل محمد عمراڻي صاحب ان سچ جي نشاندهي ڪري ٿو، جيڪو علامتي ۽ استعارياتي ٻوليءَ وسيلي انساني احساسن، جذبن ۽ فطرت جي ناقابلِ شڪست قوتن خلاف هلندڙ انسان جي ازلي جدوجهد کي هڪ گونجندڙ ۽ اثرائتي صورت عطا ڪري ٿو. هو لکي ٿو:
”هنن نظمن ۾ سماجي ۽ نفسياتي دٻائن جي تاريخ جو هڪ مختصر، پر گهرو احوال محفوظ ٿيل آهي، جيڪو خوشي، مسرت، اميد، جوش، اطمينان ۽ مثبت روين کان شروع ٿي، آهستي آهستي نفرت، احساسِ جرم، مايوسي، اداسي، بي چيني، خوف، ڪاوڙ ۽ نيٺ زندگيءَ جي انھن دل ڏاريندڙ صدمن تائين پهچي ٿو، جيڪي انساني وجود لاءِ سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهن. اهي نظم دراصل شاعراڻي نثر جون سچي دل سان ڪيل تخليقي اظهارون آهن، جيڪي هن مجموعي ۾ هڪ اهڙي زخمي روح جي بدلجندڙ نفسياتي ڪيفيتن جي صورت ۾ محفوظ ٿي ويون آهن، جيڪو فطرت جي ناقابلِ شڪست قوتن سان جاري ازلي جدوجهد جي ڀنور ۾ ڦاٿل آهي۔“
”منھنجو ڏک“ــــ سچ جي هڪ زندهه سوانح
”منھنجو ڏک“، جيڪو علي شير گهانگهرو انگريزيءَ ۾ “My Grief” جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي، پنھنجي پوري وجود سان “Nothing But Truth” جو ئي ٻيو نالو آهي۔ هيءُ ڪتاب سنڌ جي عظيم اديب انور پيرزادي جي زندگيءَ تي ٻڌل هڪ منفرد، سچي ۽ فني لحاظ کان نرالي آزاد نظم واري ناول جي صورت ۾ لکيل سوانحي دستاويز آهي۔
انور پيرزادو، جيڪو محمد علي پٺاڻ جو استاد، رهنما ۽ دل جي گهراين سان چاهيل دوست هو، سندس زندگيءَ جا ڏک، جدوجهدون ۽ الميا هن ڪتاب جو مرڪزي موضوع آهن۔
علي شير گهانگهرو، جنھن جي قلم ۾ ڄڻ اولمپس جي ديوتائن جي عطا ڪيل تخليقي قوت سمايل آهي، پنھنجي ترجمي وسيلي انور پيرزادي جي شخصيت کي اهڙيءَ دليري، جماليات ۽ تخليقي سگهه سان پيش ڪيو آهي، جو اصل تخليق جي روح مڪمل طور محفوظ رهي ٿي۔
گل محمد عمراڻي صاحب محمد علي پٺاڻ جي هن ناياب تخليقي ڪارنامي بابت جيڪي لفظ لکي ٿو، سي حقيقت ۾ “Nothing But Truth” جو ئي اعليٰ مثال آهن. اُهي لفظ نه صرف هڪ وڏي اَديب جي عظمت جي شاهدي ڏين ٿا، پر اسان جي دور جي هڪ عظيم انسان جي دل ڏاريندڙ الميي کي به تاريخ ۾ محفوظ ڪن ٿا۔
هيءَ سڄي سوانح دراصل ڪلاسيڪي مرثيي جي ان روايت جو تسلسل آهي، جنھن ۾ پراڻا شاعر پنھنجي عظيم يوناني سورمن جي جدوجهد، قربانين ۽ زندگيءَ جي المين کي سندن وفات کان پوءِ به گيتن جي صورت ۾ امر بڻائيندا هئا، جڏهن ته قسمت جا بي رحم ديوتا سندن تقدير جا فيصلا لکي ڇڏيندا هئا.
هيءُ ڪتاب ڄڻ پٿر تي نقش ڪيل فوٽوگرافيءَ جهڙو بيان آهي، نه رڳو دل ڏاريندڙ مرثيو، پر پنھنجي زندگيءَ جي روشني بڻيل استاد ۽ مرشد لاءِ هڪ سچي عاشق جي عقيدت جو اظهار پڻ آهي . هيءَ يادگيرين جو اهڙو قيمتي خزانو آهي، جنھن ۾ ماضيءَ جون حسين، دلڪش ۽ دردناڪ حقيقتون گڏ محفوظ ٿيل آهن.
سنڌي ادب ۾ شاعراڻي انداز سان ڪهاڻي بيان ڪرڻ هڪ نهايت اهم صنف رهي آهي، جنھن جا شاندار مثال شيخ اياز جي شاعراڻي اوپيرائن ۾ ملن ٿا. محمد علي پٺاڻ جو هيءُ ڪم ان روايت جي جديد، پختي ۽ اوج واري پيشڪش آهي، جنھن ۾ فڪري بصيرت، تخليقي توانائي ۽ مابعد جديد لسانياتي اسلوب جو حسين امتزاج موجود آهي.
انور پيرزادو پنھنجي الميي سان گڏ پنھنجي فتحمند زندگيءَ سبب هڪ ڏندڪٿائي شخصيت بڻجي ويو آهي. هن شاعراڻي سوانح وسيلي سندس زندگي وري نئين سر جيئري ٿي اٿي آهي. ڪتاب جي پاڪيزه، فڪر انگيز ۽ اعليٰ ٻولي، ان جي سماجي اهميت کي به وڌيڪ نمايان بڻائي ٿي. پڙهندڙ لاءِ انور پيرزادي بابت وڌيڪ ڄاڻڻ جو شوق ڪڏهن به ختم نه ٿيندو. هيءُ ڪتاب شاعر جي محبوب هيرو جي شخصيت کي وڏي محبت سان خراج پيش ڪري ٿو ۽ آخرڪار خوشيءَ ۽ ڳوڙهن جي گڏيل احساس تي اچي ختم ٿئي ٿو. بيشڪ، هيءَ هڪ غيرمعمولي ادبي ڪاميابي آهي، مارڪسي حقيقت نگار ليکڪ انور پيرزادي جي زندگي ۽ دور جو هڪ جامع ۽ مستند دستاويز۔“
منھنجي راءِ ۾، گل محمد عمراڻي صاحب جا اهي تنقيدي جائزا ۽ ادبي اڀياس پاڻ ئي پنھنجي عظمت جا شاهد آهن. انھن جي تشريح لاءِ وڌيڪ دليلن جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته هڪ سچو پڙهندڙ انھن مان پاڻ پنھنجي فڪري حصي جو انتخاب ڪري سگهي ٿو، ۽ محمد علي پٺاڻ جي ادبي عظمت کي سڌيءَ طرح محسوس ڪري سگهي ٿو۔