ڪراچي (م ڊ) مسلسل واڌ بعد پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ آئي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو سون 8600 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 5 لک 19 هزار 962 رپين جو ٿي ويو. ڏهه گرام سون 7373 رپيا لاٿ بعد 4 لک 45 هزار 783 رپيا رهيو. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 86 ڊالر گهٽتائي سان 4972 ڊالر جو ٿي ويو.
پهريون روزو خميس تي ٿيندو: سپارڪو جي اڳڪٿي
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپارڪو رمضان المبارڪ 1447هه جي چنڊ بابت سائنسي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. ترجمان سپارڪو موجب نئون چنڊ 17 فيبروري 2026ع شام 5 لڳي 1 منٽ تي پيدا ٿيندو. 18 فيبروري 2026ع تي سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر لڳ ڀڳ 25 ڪلاڪ ۽ 48 منٽ هوندي. ساحلي علائقن ۾ سج لهڻ ۽ چنڊ لهڻ وچ ۾ وقفو لڳ ڀڳ 59 منٽ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. فلڪي انگن اکرن جي بنياد تي 18 فيبروري 2026ع جي شام چنڊ نظر اچڻ جا امڪان روشن آهن، تنهن ڪري پهريون رمضان المبارڪ 19 فيبروري 2026ع تي ٿيڻ جو امڪان آهي. اسلامي مهيني جي شروعات جو حتمي اعلان رويت ہلال ڪميٽي پاڪستان ڪندي، جيڪا ملڪ مان مليل مستند شاهدين جي بنياد تي فيصلو ڪندي.
عنبرين جان پيمرا جي چيئرپرسن جو عهدو سنڀالي ورتو
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عنبرين جان پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي چيئرپرسن جو عهدو سنڀالي ورتو. عنبرين جان ان کان اڳ وزارت اطلاعات و نشريات ۾ وفاقي سيڪريٽري، پي ٽي وي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر، ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ بنگلاديش ۾ پريس ڪائونسلر طور ڪم ڪري چڪي آهي. اِن موقعي تي چيئرپرسن پئمرا پاڪستان ۾ ميڊيا انڊسٽري جي ترقي لاءِ اداري جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
لاڙڪاڻو: ليبر کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نگينه ميمڻ معطل
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ليبر کاتي جي وزير سعيد غني لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نگينه ميمڻ کي معطل ڪري ڇڏيو.