| سون وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو خدشو: ملڪي درآمد ٻيهر بند |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سون وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو خدشو، ملڪي درآمدون هڪ ڀيرو ٻيهر بند ٿي ويون. سرڪاري دستاويزن مطابق مارچ ۾ سون جي درآمد ۾ سالياني 100 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، هڪ مهيني دوران سون جي درآمد جو حجم زير رڪارڊ ٿيو آهي. گذريل سال مارچ دوران 22 ڪلوگرام سون درآمد ڪيو ويو هو، گذريل سال مارچ ۾ سون جي درآمد جو حجم 21 لک 94 هزار ڊالر هو، فيبروري جي ڀيٽ ۾ به مارچ ۾ سون جي درآمد ۾ 100 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. فيبروري دوران پرڏيهي ملڪن مان 26 ڪلو سون درآمد ڪيو ويو. فيبروري ۾ سون جي درآمد جو حجم 43 لک 11 هزار ڊالر هو. دستاويزن مطابق هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ به سون جي درآمد ۾ 62.38 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان مارچ تائين سون جي درآمد جو حجم هڪ ڪروڙ 6 لک 74 هزار ڊالر رهيو. پهرين 9 مهينن دوران پرڏيهي ملڪن مان 71 ڪلوگرام سون درآمد ڪيو ويو. گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ 368 ڪلوگرام سون درآمد ڪيو ويو هو. گذريل سال 9 مهينن ۾ سون جي درآمد جو حجم 2 ڪروڙ 83 لک 74 هزار ڊالر هو.