سون کي پر لڳي ويا: تولو 5500 رپيا مهانگو
جُون 2, 2025
سون کي پر لڳي ويا: تولو 5500 رپيا مهانگو
ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون کي پر لڳي ويا: تولو 5500 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 5500 رپيا اضافي سان 347600 مان 353100 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 55 ڊالرن جي واڌ سان 3347 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن پائونڊ 30 پئسا واڌ سان 383.7 مان 384 ۽ يورو 45 پئسا اضافي سان 323.05 مان 323.5 رپين تي پهتا، جڏهن ته ڊالر 284.3 ۽ چاندي3482 رپين تي بيٺل رهيا.