Skip to content
Search for:
Search for:
Toggle Navigation
پهريون صفحو
ٽاپ اسٽوري
تازه ترين خبرون
سائيڊ اسٽوري ريل
وڌيڪ خبرون
Home
»
سوهانا شرما بازياب نه ٿي، وارث پوليس کان مايوس، هندو برادري جو اڄ ڪٺ
سوهانا شرما بازياب نه ٿي، وارث پوليس کان مايوس، هندو برادري جو اڄ ڪٺ
جُون 7, 2023
قاضي احمد ( ن پ و) قاضي احمد مان مبينا طور اغوا ڪيل شاگردياڻي سوهانا شرما جو ڪوبه پتو نه پيو، هندو برادري اڄ ڪٺ سڏائي ورتو آهي
دوست محمد ڪالوني مان ٽن ھٿياربندن هٿان اغوا ڪيل هندو شاگردياڻي سوهانا شرما جي بازيابي لاءِ پوليس ڪو تحرڪ ناهي ورتو جنهن سبب هندو برادري مايوسي جو شڪار آهي
ھندو پنچائت طرفان اڄ ڪٺ سڏايو ويو آهي جنهن ۾ شاگردياڻي جي بازيابي لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي ان سان گڏ ڌرڻو به هنيو ويندو
ناري جي پيءُ دليپ ڪمار ٻڌايو ته جيڪڏھن اڄ تائين نياڻي واپس نه ٿي ته پوء برادري سان ملي ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو
هي به پڙهندا
سمرت بازياب، منهنجي ڌيءُ اڃا گم ڇو؟ پريا ڪماري جي امڙ روئاري ڇڏيو
هن چيو ته پوليس سوهانا جي بازيابي لاءِ ڪي ڪوششون نه پئي ڪري جنهن تي اسان جي برادري سخت مايوسي جو شڪار آهي
ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي جي بازيابي لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا آهن پر سوهانا هٿ اچي ناهي سگهي، شاگردياڻي کي جلد بازياب ڪرايو ويندو
لاڳاپيل پوسٽون
لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت
خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ
وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار
وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي
Page load link
Go to Top