”سوهانا اسان جي حوالي ڪريو“، امڙ جي اختيارين کي دردمنداڻي اپيل

جُون 11, 2023

قاضي احمد (  ن پ و):قاضي احمد مان مبينا طور اغوا  بعد بازياب ڪرائي عدالتي حڪم تي سيف ھائوس نواب شاھ حوالي ڪيل ھندو نينگري سوھانا شرما جي گھر ۾ سوڳ وارو ماحول آھي

ڇوڪري جي ماءُ چمپا شرما  ۽ پيءُ دليپ ڪمار ھنجون هاريندي  نياڻي حوالي ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي، هنن چيو ته نينگري جي عمر ننڍي هجڻ باوجود هن جي زبردستي شادي ڪرائي وئي

سوهانا جي امڙ جوابدار اختر گبول کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي چيو آھي ته استاد شاگردن جو ماءُ ۽ پيُ ھوندو آھي اختر استاد جي مان مرتبي کي لڄايو آھي اسان اعتبار ڪري پنهنجي نياڻي تعليم جو زيور حاصل ڪرڻ لاء ڇڏيو پر استاد جي روپ ۾ بگھڙ وارو ڪردار ادا ڪيو

سوهانا جي والد ۽ والده سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته نياڻي اسان جي حوالي ڪئي وڃي

Leave A Comment