سوهانا سان شروعات ۾ ئي دوکو، ميڊيا کي ڏيکاريل سڃاڻپ ڪارڊ مرد جو نڪتو، عمر 14 سال هجڻ جي تصديق

جُون 8, 2023

قاضي احمد( ن پ و) قاضي احمد جي سوهانا جي شادي واري قسم نامي ۾ نينگري جو ڏنل سڃاڻپ ڪارڊ نمبر  هڪ مرد جو  نڪري پيو، نينگري جي والد ب فارم سامهون آڻي ڇڏيو جنهن ۾ سوهانا جي عمر  14 سال 4 مهينا ۽ 7 ڏينهن آهي

سوهانا جي شادي لاءِ عدالت ۾ جمع ڪرايل قسم نامي ۾ نينگري جو ڄاڻايل شناختي ڪارڊ نمبر جعلي هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي

هي به پڙهندا

ڏنل سڃاڻپ ڪارڊ ووٽر لسٽ ريڪارڊ موجب اختيار علي نالي شخص جو آهي، جنهن جي ايڊريس سير چيجا، تعلقو قاضي احمد، ضلعو نوابشاهه آهي

نينگري جي پيءُ دليپ ڪمار شرما جو چوڻ آهي ته حلف نامي ۾ منهنجي ڌيءَ بدران ڪنهن ٻئي جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ڏنو ويو آهي جنهن حقيقتون وائکيون ڪري ڇڏيون آهن، هن ب فارم پيش ڪندي ٻڌايو ته سوهانا جي عمر 14 سال  4 مهينا 7 ڏينهن آهي

دليپ ڪمار وڏي وزير توڙي ٻين وس وارن کان هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو آهي ته  معاملي جو نوٽس وٺي سوهانا کي بازياب ڪرايو وڃي

Leave A Comment