سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف سڄي دنيا ۾ مظاهرا

جُولاءِ 2, 2023

ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪرڻ تي سڄي دنيا ۾ احتجاج ڪيو ويو آهي، سويڊش حڪومت ۽ يورپي يونين به واقعي کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي

 عيد ڏهاڙي سويڊن ۾ حڪومت جي اجازت سان قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪرڻ تي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، تهران ۾ سويڊن جي سفارتخاني سامهون احتجاج ڪيو ويو

ايراني پرڏيهي وزارت سويڊش ناظم الامور کي طلب ڪري احتجاج نوٽ ڪرايو جڏهن ته عوام حڪومت کان سفارتي ناتا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، مراڪش سويڊن جي سفير کي نيڪالي ڏئي پنهنجو سفير به گهرائي ورتو آهي

 عراق ۾ به احتجاج ڪيو ويو. او آءِ سي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ترڪ صدر رجب طيب اردوان به ان عمل جي مذمت ڪئي آهي

يورپي يونين به ان عمل جي مذمت ڪندي چيو ته اهو عمل رد ڪريون ٿا، واقعو جارحاڻو، بيعزتي تي ٻڌل، ڇڪتاڻ وڌائڻ وارو آهي

ٻئي طرف  پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان بيان ۾ واقعي جي مذمت ڪندي ان کي عالمي امن کي خراب ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو آهي

هوڏانهن سويڊن جي حڪومت ان عمل کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو آهي  ته اهو هڪ فرد جو عمل هو جنهن سان حڪومت جو ڪوبه لاڳاپو ناهي انکي پوري ملڪ سان جوڙڻ بهتر عمل ناهي

Leave A Comment