سوڀو ديرو ٽائون جو اسسٽنٽ جعلي آرڊر ذريعي ڪراچي ۾ مقرر 

سوڀو ديرو ٽائون جو اسسٽنٽ جعلي آرڊر ذريعي ڪراچي ۾ مقرر 

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) مڪاني کاتي جي 16هين گريڊ جي اسسٽنٽ پاران ڪراچي جي ٽي ايم سي ۾ مقرري ڪرائي پگھارون ۽ مراعتون کڻڻ جو انڪشاف،ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سوڀوديرو ٽائون ڪاميٽي جي 16هين گريڊ جو اسسٽنٽ ساگر خان پاران جعلي آرڊرذريعي  ڪراچي جي ٽي ايم سي منگھوپير ۾ مقرر  ڪرائڻ جو نئون معاملو سامهون آيو آهي، ذريعن ڄاڻ موجب مڪاني کاتي شڪايت ملڻ تي 9 مهينا اڳ ٽي ايم سي منگھوپير جي اختيارين کي خط لکي هدايت ڪئي هئي ته 16هين گريڊ جو اسسٽنٽ ساگر خان جعلي نوٽيفڪيشن ذريعي منگھوپير ۾ مقرر ٿيو آهي، انهي ڪري مٿس ڪيس داخل ڪرائي پگھارون بند ڪرڻ سان گڏ کنيل پگھارون واپس ڪرايون وڃن. ٽي ايم سي اختيارين 9 مهينا گذرڻ باوجود ساگر خان خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي.