| سوڀي ديري ۾ بدفعلي جو شڪار نينگر جي وارثن کي ڌمڪيون |
سوڀوديرو (ن پ ا) سوڀيديري شھر جي لطيف ڪالوني ۾ بدفعلي جو شڪار 7 ورهين جي معصوم نينگر جي وارثن کي ڌمڪيون ملڻ خلاف نينگر جي وارثن ۽ شهرين پاران نعمت علي ملاح، غلام علي ملاح، ڪفايت الله شيخ، استاد لعلڻ چنه، مولانا مدد علي ملاح، غلام فريد عباسي، مجاهد دربان، اسماعيل ڪمبويو، رياض حسين ملاح، نور محمد، احسان ميراڻي، محمد علي ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو، ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي، موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، مختلف طريقن سان هراسان ڪيو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.