تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سوچـن تي ضابطي جـا ست اهـم طريقا … ميان جمشيد/ يوسف جميل لغاري

سوچڻ انتهائي سٺي ڳالھه آهي اِن سان اسان سٺا فيصلا ڪري سگهون ٿا. پر حد کان وڌيڪ سوچڻ، سوچن تي ضابطو نه رکڻ جتي اسان ۾ ڪاوڙ پيدا ڪندو آهي اُتي ئي وري ڪنهن اهم موڙ تي اسان کي فيصلي ڪرڻ جي سگهھ کان به محروم ڪري وٺندو آهي. اسان مونجهارن جو شڪار ٿي پوندا آهيون. اِنهي ڪري اسان کان تمام اهم موقعا ضايع ٿي ويندا آهن ۽ بعد ۾ وري پچتائيندا به آهيون. سٺي ۽ خراب وقت ۾ سهڻي نموني سان سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻ ئي اسان کي ڪامياب توڙي ناڪام بڻايندو آهي ته جيڪڏهن توهان به سوچن ۾ پنهنجو گهڻو وقت گذاريو ٿا ۽ وقت سر ڪو سٺو ۽ وزنائتو فيصلو نه ٿا ڪري سگهو ته پوءِ هي اڄوڪو مضمون خاص طور تي اوهان لاءِ ئي آهي. هن ۾ ٻڌايل سَت اهم ڳالهين تي غور ۽ فڪر ڪريو توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو.
مون کي فلاڻي ڏينهن تائين فيصلو ڪرڻو آهي:
پنهنجي سوچن کي ڪنهن به ڳالهھ يا ڪم تي سوچڻ لاءِ هڪ مقرر وقت ڏئي ڇڏيو. اِهو نه چئو ته ها ڏسون ٿا، سوچون ٿا، ڪري ٿا وٺون يا ڪري وٺنداسين، ائين بلڪل به نه ڪجو، هڪ مقرر وقت سوچڻو آهي ته آيا مون کي فلاڻي ڏينهن تائين هي ڪم يا هي فيصلو ڪرڻو آهي. ٿيندو ائين آهي ته جڏهن اسان سوچڻ جي معاملي ۾ سستي اختيار ڪندا آهيون ته اسان جون سوچون ٻي پاسي هليون وينديون آهن. جنهن سان فضول، وقت برباد ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون اچي ڪري ذهن ۾ جڳھ ولارينديون آهن. اِنهي ڪارڻ اصل مقصد يا ڪم واري سوچ هلي ويندي آهي. اسين سوچڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جهڙن معاملن ۾ پهريان ئي ڪمزور آهيون وري مٿان هي سست رفتاري به اسان کي ڪمزور ڪري ٿي. پر جڏهن توهان پنهنجي دماغ کي ڪنهن مقرره وقت جو پابند بڻايو ٿا ته توهان جو ذهن به درست ڪم ڪرڻ لڳي ٿو ۽ توهان جا ڪم به تڪميل تائين پهچن ٿا.
سوچن کي سڪونيت اختيار ڪرڻ ڏيو:
جڏهن ڪنهن چڱي ڳالھه سوچڻ تي دل نه چوندي هجي. ڪجهھ به سوچڻ تي موڊ نه هجي، ته اُنهي وقت ٿوري عرصي لاءِ آرام ڪري وٺو، زبردستي سوچڻ شروع نه ڪريون جيڪڏهن بهترين فيصلا ڪرڻا اٿئو ته پوءِ توهان کي پنهنجي ذهن کي ڪجهھ وقت سڪون ڏيڻو پوندو. بي چين ٿي ڪري، پريشاني ۾ مبتلا ٿي ڪري يا ڪنهن مونجهاري ۾ مبتلا هوندي توهان ڪڏهن به ڪو به ڪارڳر حڪمت عملي نه ٿا جوڙي سگهو. اِن لاءِ جڏهن اِهڙي قسم جي ڪنهن مونجهاري ۾ اوهين مبتلا هجو ته اُن وقت ڪجھ کائو پيو، گهمو ڦرو يا ڪنهن سان ڪچهري ڪري وٺو ته جئين توهان جو موڊ درست ٿي سگهي ۽ توهان درست سوچي سگهو.
سوچن سان ٻيائي نه ڪجي:
جڏهن توهان پنهنجي دماغ کي ڪجهھ عرصو سٺي نموني فرحت بخش سڪونيت ڏني، آرام ڪري ورتو يا ڪنهن ٻي نموني دماغ کي تر و تازه ڪيو ته هاڻي وڌيڪ سستي ڪرڻ جي ڪابه گنجائش نه آهي. ائين نه ٿئي جو وري اوهان چئو ته اڄ ڊرامو ڏسي وٺان، فلاڻو ڪم ڪري وٺان، فلاڻي جڳھه تي وڃي ڪري سوچيندس، اهڙي نموني جيترو توهان دير ڪندئو، ايترو ئي توهان جو دماغ غير اهم ۽ فضول سوچن جي گهيري ۾ اچڻ شروع ٿيندو، اِن فضول سوچن جي سبب توهان جو دماغ ٿڪجڻ لڳندو ۽ جڏهن توهان اصل معاملي کي سوچڻ شروع ڪندو ته توهان جي دل اُن معاملي تي سوچڻ کان انڪار ڪندي. اِن لاءِ پنهنجي مقرر ڪيل وقت ۾ ئي سوچڻ شروع ڪريو ۽ پنهنجي فيصلن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ دير نه ڪريو. توهان جيتري جلدي صحتمنداڻي نموني سان سوچڻ جي شروعات ڪندئو توهان جو دماغ به انهي آڌار تي توهان کي جواب معيا ڪندو رهندو.
صرف سوچن تي گذارو نه ڪجو:
جڏهن توهان هڪ مقرر ڪيل وقت ۾ ڪنهن شئي جي باري ۾ ڪا سوچ اختيار ڪئي آهي ته اُن سوچ تي عمل ڪرڻ کان پهريان انهي بابت ڪا ٻي سوچ اختيار نه ڪجو. جيڪڏهن ڪنهن ڪم بابت توهان هڪ کان وڌيڪ رستا سوچيا آهن ته واري واري سان هر هڪ رستي تي عمل ڪري ڏسو، جيڪڏهن توهان صرف انهن رستن کي سوچيندئو ۽ انهن تي عمل نه ڪندئو ته توهان کي متوقع نتيجا نه ملي سگهندا ۽ خبر ناهي الائي ڇا مان الائي ڇا ٿي ويندو. يقين ڪريو اهڙي نموني توهان ڪڏهن به ڪو پر اثرائتو فيصلو نه ڪري سگهندئو. اهو به ياد ڪرڻ گهرجي ته نتيجي جي متعلق سوچڻ به سٺي سوچ جو حصو آهي پر اصل حقيقت عمل ڪرڻ کان پوءِ ئي خبر پوندي آهي. انهي مهل جيڪا ڪمي يا ڪوتاهي رهجي ويندي آهي ته انهي کي وقت سر درست ڪري ڇڏبو آهي. ائين قطعي ڪونه آهي ته سوچڻ کان پوءِ هٿ تي هٿ رکي ويهڻو آهي ۽ سڄو ڪجهھ پاڻ ٺيڪ ٿيڻ جي انتظار ڪجي.
سڀ ڪجھ توهان جي اختيار ۾ ناهي هوندو:
جيڪڏهن اسان هن نقطي تي يقين ڪندي هنن ترڪيب کي هيانءَ سان سانڍي ڇڏيون ته يقين ڪريو اسان ۾ وقت آهر فيصلي ڪرڻ جي سگھ پيدا ٿي پوندي. پر اسان چاهيندا آهيون ته جئين اسان سوچيون ٿا ته اُهو ڪم به بلڪل ائين ئي ٿئي. اهو ممڪن ته ڪونه آهي. اسان هڪ ئي وقت مجبور به آهيون ته مختيار به، جن ڳالهين يا ڪمن تي توهان جو اختيار نه هوندو آهي اُنهن تي سوچڻ وقت کي ضايع ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪجھه به ڪونه آهي. ائين ڪرڻ سان اسان فضول ۾ ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيون ٿا. اهڙن معاملن جي اچڻ مهل رب ڪائنات تي اعتبار ڪندي اُهي معاملا اُنهي جي سپرد ڪرڻ کپن. غلط فيصلو ڪرڻ، يا غير متوقع نتيجا اچڻ اِنهي ڳالھه جي شاهدي آهي ته سڀ ڪجهھ اسان جي وس ۾ ڪونه آهن.
پنهنجي ماحول کي مثبت ۽ حوصلي وارو رکو:
ياد رکو ته توهان ائين ئي سوچيندا آهيو ۽ اثر وٺندا آهيو جهڙو توهان جي اوس پاس جو ماحول هوندو آهي. اداسي جا گيت جيڪڏهن توهان ٻڌندا ته توهان انهي وقت ڪو صحت مند فيصلو نه ڪري سگهندا. سٺا ۽ بهترين فيصلا ڪرڻ لاءِ توهان جو بهترين ماحول ۾ اچڻ ضروري آهي. تواني سان سرشار ۽ پر جوش ماڻهن سان گڏ رهڻ سان ۽ اهڙي نموني جو مطالعو ڪرڻ سان توهان جي سوچ مضبوط ٿيندي. توهان کي پنهنجي سوچن تي ضابطي آڻڻ جو فن اچي ويندو، ڪيترو سوچڻو آهي؟ ڪڏهن ۽ ڪئين سوچڻو آهي؟ انهن سڀني ڪمن کي ڪرڻ لاءِ توهان کي پنهنجي ماحول کي مثبت رکڻو پوندو. توهان جي ٻاهرين دنيا جيتري خوبصورت ۽ دلڪشن هوندي توهان جي اندر جي دنيا اُتري ئي حسين ٿيندي.
پهريان ئي الٽو نه سوچيو:
تون ڏسي وٺجان ٽرين/بس ضرور ليٺ ٿيندي! فلاڻو ماڻهو اڄ ملندو ئي ڪونه، مون کي لڳي ٿو اڄ ڪجهھ خراب ٿيڻ وارو آهي. آئون ناڪام ٿي ويندس، مون کان نه ٿي سگهندو وغيره وغيره براءِ مهرباني اهڙن ڳالهين تي عمل ڪرڻ کان پهريان ئي انهن کي سوچڻ بند ڪريو. جيڪڏهن اهڙيون ڳالهيون توهان جي سوچن ۾ اچن به ٿيون ته انهن کي لفظن جي صورت نه ڏيو ۽ انهن کي زبان سان ادا ڪرڻ کان گريز ڪريو، اِهڙن سوچن جي اچڻ تي اهو چئي انهن جو رخ تبديل ڪيو ته رب ڪائنات آهي نه. اهو پاڻ سڀ ڪجهھ درست ڪري وٺندو. اهڙن سوچن جي اچڻ تي توهان جي اندر ڪمزوري جو عنصر پيدا ٿيندو آهي ۽ توهان جا ارادا ڪمزور ٿيندا آهن. توهان جي ذهن ۾ فضول ڳالهيون اچڻ شروع ٿينديون. ٿي سگهي ٿو ته توهان کي هنن ڳالهين تي عمل ڪرڻ ٿورو ڏکيو لڳي پر يقين ڪريو ته ائين صرف شروع ۾ ئي ٿيندو آهي، پوءِ آهستي آهستي توهان جون سوچون توهان جي تابع ٿينديون، توهان ۾ خود اعتمادي بحال ٿيندي، جنهن سان توهان جي شخصيت کي چار چنڊ لڳي ويندا ۽ اوهان جي زندگي باغ و بهار ٿي ويندي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *