ڪراچي: (م ڊ) سوڊان جي گادي واري شهر خرطوم ۾ فوج ۽ پيراملٽري فورسز جي ويڙهه سبب درجنين ٻارڙا بک ۽ اڄ وگهي فوت ٿي ويا آهن،
ان ڏس ۾ برطانوي خابرو ايجنسي جي رپورٽ ۾ اهم انڪشاف ظاهر ڪيا ويا آهن ته سوڊان ۾ 15 اپريل کان جاري جنگ دوران گادي واري شهر خرطوم جي هڪ يتيم خاني ۾ 50 کان وڌيڪ ٻارڙا غذائي کوٽ سبب فوت ٿي ويا آهن،
رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ يتيم خاني ۾ ٻارڙن جي سار سنڀال لاءِ گهربل عملو به موجود ناهي جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ يتيم خانن ۾ ڪم ڪندڙ عملو گهرن تائين ئي محدود،
ايجنسي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شديد غذائي کوٽ سبب جمعي جي ڏينهن 13 ٻارڙا فوت ٿيا.غذائي کوٽ سبب فوت ٿيندڙ ٻارڙن جي عمر هڪ سال کان به گهٽ هئي.