Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_a9u2ma9ljf7tlr96cij3qnn6k6, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سيارو ۽ ڪوروناوائرس ـ جيئن ٿڌ تيئن وڌ ... ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سيارو ۽ ڪوروناوائرس ـ جيئن ٿڌ تيئن وڌ ... ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

سيارو ۽ ڪوروناوائرس ـ جيئن ٿڌ تيئن وڌ … ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

صحت جي عالمي ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته سياري شروع ٿيڻ سان ممڪن آهي ته ڪورونا ـ 19 جي ٻي لهر نه رڳو ڪر کڻڻ شروع ڪري ته اڳين کان وڌيڪ گنڀير به ٿي سگهي ٿي.چين جي ووهان شهر کان وبا جي صورت ۾ شروع ٿيندڙ ڪورونا وائرس کي اٺن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر اڃان ان موتمار وائرس جو ڪو درمان ٿي نه سگهيو آهي. رهندو پريشان ڪندڙ ڳالهه ان چوڻي موجب ته، جيئن ٿڌ تيئن وڌ جيان وڌندي رهي آهي. هن سال سيپٽمبر جي وچ تائين صحت جي عالمي اداري موجب وائرس ۾ 29 ملين فرد متاثر ٿيا ۽ 9 لک 31 هزار کان وڌيڪ ماڻهو دنيا ڇڏي ويا. جڏهن ته دنيا جا سائنسدان ۽ تحقيقي ادارا ناول ڪورونا وائرس جي وئڪسين تيار ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات رڌل رهيا آهن پر چئي نٿو سگهجي ته ڪيترو جلد عوامي سطح تي ان جي وئڪسين دستياب ٿي سگندي. هن سال جولاءِ ۾ صحت جي عالمي اداري جي ايمرجنسيز پروگرام جي مائيڪ رييان چواڻي، دنيا جا سائنسدان ڪووڊ ـ 19 جي تياريءَ ۾ رڌل آهن ۽ سٺي اڳڀرائي ڪري رهيا آهن تنهن هوندي به وئڪسين جي پهرين استعمال جي جولاءِ 2021 کان اڳ ۾ اميد ڪري نٿي سگهجي. ساڳي وقت سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن جي ڊائريڪٽر رابرٽ ريڊفيلڊ مطابق ممڪن آهي ته وئڪسين 2012 جي اونهاري تائين تيار ٿي وڃي. جڏهن ته ڪيترن ماهرن، هن وبائي بيماري جي سياري ۾ ٻي لهر اچڻ بابت به خدشا ظاهر ڪيا آهن ته اها پهرين کان وڌيڪ شديد ٿي سگهي ٿي.جڏهن ته ماهر اها ڳالهه به بلڪل وضاحت سان ٻڌائين ٿا ته هن وائرس جو ٿڌ ۾ ڪهڙو ورتاءُ ٿي سگهي ٿو، ڪيترين رپورٽن مطابق ممڪن آهي ته سياري ۾ هي وائرس هڪ ڊگهو عرصو زنده رهي سگهي. ‘دي پرنٽ’ ۾ شايع ٿيل وچڙندڙ بيمارين جي هڪ ماهر جو چوڻ آهي ته ناول ڪوروناوائرس جي بيماري پکيڙڻ جا طور طريقا، ٻين بيماري پيدا ڪندڙ وائرسن کان گھڻا مختلف ٿي نٿا سگهن جيڪي عام طور تي سياري جي موسم ۾ اٿلي پون ٿا. جنهن جي مثال ۾ انفلوئنزا جي وائرس جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو ته عام طور تي اونهاري جي ڀيٽ ۾ سياري ۾ جلد پکڙجي وڃن ٿا. ساڳي طرح سان برطانيا جي ‘د اڪئڊمي آف ميڊيڪل سائنسز’ به اڳڪٿي ڪئي آهي ته اسپتالن ۾ جنوري فيبروري 2021 ۾ داخل ٿيندڙ مريضن ۽ انهن جي موت جو انگ ايترو ٿي سگهي ٿو جيترو 2020 جي بسنت ۾ ٿيو هو.
صحت جا ماهر ان ڳالهه ڪري به ڪجهه وڌيڪ پريشان آهن ته نئين وائرسي وبا ممڪن آهي ته فلوءَ (نزلي زڪام) جي موسم تي ڇائنجي نه وڃي جيڪا عام طور تي آڪٽوبر ۾ شروع ٿئي ٿي ۽ ڊسمبر ۽ فيبروري ۾ بدتر ٿي وڃي ٿي. جنهن سبب صحت سنڀال جا لاڳاپيل ادارا وڌيڪ دٻاءَ ۾ اچي سگهن ٿا. ڪووڊ ـ 19 ۽ فلو ٻئي ساهه سرشتي کي متاثر ڪن ٿا جنهن سبب اهي بيماريون هڪ ٻئي کي بدتر ڪري سگهن ٿيون. ان کانسواءِ جيئن ته ٻنهي بيمارين جون عام نشانيون جهڙوڪر هڪ جهڙيون هجن ٿيون ان سبب انهن ۾ فرق ڪري سگهڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو. جنهنڪري ڪووڊ ـ 19 جي مريض جي تشخيص ڪري سگهڻ ڏکي ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ صلاح ڏني وڃي ٿي ته هن سال هر هڪ کي فلوءَ جي وئڪسين ڪرائڻ گهرجي. جنهن سان، صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته نه رڳو صحت مرڪزن تي گھٽ دٻاءُ پوندو ته ڪووڊ ـ 19 جي شدت کان بچاءُ ملي سگهندو. صحت جي عالمي اداري جي هڪ سينئر صلاحڪار موجب فلوءَ جي وئڪسين ڪرائڻ سان ڪورونا وائرس جون پيچيدگيون به گھٽجي سگهن ٿيون.جيڪڏهن سياري کان اڳ ۾ وئڪسين دستياب ٿي سگهي ٿي ته ان جهڙي خوشخبري ٿي نه ٿي سگهي پر اها ڳالهه گھٽ ممڪن لڳي ٿي تنهنڪري اسانکي گهرجي ته ٿڌ وڌڻ کان اڳ ۾ پاڻکي هن وائرس کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن طريقي سان مڪمل طور تي مسلح ڪريون جنهن لاءِ نه رڳو پنهنجي ۽ ٻين جي بچاءَ لاءِ هڪ ٻئي کان مفاصلي تي رهون، ماسڪ يا مکوٽي جو باقاعدگيءَ سان استعمال ڪريون، هٿن صاف رکڻ ڏانهن ڀرپور ڏيان ڏيون، کنگهڻ ۽ ڇڪ ڏيڻ جي حالت ۾ وات کي بوڇڻ يا ٺوٺ سان ڍڪي ڇڏيون، ڪنهن به مجموعي يا ڳاهٽ واري هنڌ تي وڃڻ کان پاسيرا رهون ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به سستيءَ ۽ ٻڌل يا غيرسائنسي ڳالهين تي ويساهه نه ڪريون.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *