ايڊنبرگ (انٽريسٽنگ نيوز) ماهرن جي نئين تحقيق ۾ سياري ۾ معمول کان وڌيڪ ننڊ اچڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. جرمني جي سينٽ هيڊوگ هاسپيٽل جي هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو هو ته انسانن کي سياري ۾ معمول کان وڌيڪ ننڊ جي ضرورت هوندي آهي. تحقيق موجب سياري ۾ ماڻهن جي ننڊ ٻين مندن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهري هوندي آهي. تحقيق دوران معلوم ٿيو ته گرمين جي ڀيٽ ۾ سياري ۾ ماڻهن جي ننڊ جو سراسري دورانيو هڪ ڪلاڪ وڌيڪ هوندو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو مصروفيتن سبب وڌيڪ دير تائين سمهڻ کان محروم رهندا آهن، جنهن سبب سستي يا ننڊ جو احساس ٿيندو آهي. محققن ٻڌايو ته نتيجن سان پهريون ڀيرو ثابت ٿيو ته موسم جي لحاظ سان ننڊ جي عادتن کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، مطلب سياري ۾ تڪڙي سمهڻ گهرجي. هنن چيو ته توڙي جو مصروفيتن سبب ماڻهن جو ننڊ جو دورانيو هر مند ۾ تقريبن هڪ جهڙو هوندو آهي پر انساني ذهن سياري ۾ قدرتي طور سست ٿي ويندو آهي
، ڇو ته ان کي وڌيڪ ننڊ جي ضرورت هوندي آهي. اسان جي جسماني گهڙي به سج جي روشني کي نظر ۾ رکندي سمهڻ ۽ جاڳڻ جو وقت مقرر ڪندي آهي، ڇو ته سياري ۾ سج جلدي لهي ويندو آهي ۽ دير سان اڀرندو آهي ته اسان جو جسم وڌيڪ ننڊ جي ڪوشش ڪندو آهي.