سياري ۾ گئس رڳو 8 ڪلاڪ ملندي، نوان ميٽر ڏيڻ تي پابندي برقرار

آڪٽوبر 28, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سياري ۾ گھريلو واهپيدارن کي گيس رڳو 8 ڪلاڪ ملندي، جڏهن ته حڪومت نوان ميٽر لڳائڻ تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو  ڪيو آهي

ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب نگران حڪومت نون گئس ڪنيڪشنز تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي سياري ۾ گئس مهانگي ٿيڻ سان رڳو 8 ڪلاڪ ملڻ جي خاطري ڪرائي آهي

توانائي واري نگران وزير محمد علي واهپيدارن کي آگاهه ڪيو ته سياري ۾ گئس مهانگي ٿيڻ سان رڳو 8 ڪلاڪ ملندي، صبح، منجهند ۽ شام جي وقت گئس ملندي پر سياري ۾ 8 ڪلاڪ گئس جي فراهمي يقيني بڻائينداسين

هن ٻڌايو ته نون گئس ڪنيڪشنز تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ملڪ ۾ جيتري گئس آهي ايتري ئي ملندي، نون ڪنيڪشنز لاءِ ملڪ ۾ گئس ناهي. سندس چوڻ هو ته ڊسمبر لاءِ 2 ايل اين جي ڪارگوز جو بندوبست ڪيو آهي ۽ جنوري لاءِ به 2 ايل اين جي ڪارگوز گهرائينداسين

Leave A Comment