تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان نالي اتحاد جا اڳواڻ محمود خان اچڪزئي، سينيٽر راجا ناصر عباس جعفري ۽ ڪجهه ٻيا اڳواڻ گذريل ٻن ڏينهن کان (هي سٽون لکجڻ وقت) لاهور جي سرد موسم کي گرم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششن ۾ مصروف آهن. جڏهن ته تحريڪ انصاف جا ڪجهه اهم اڳواڻ خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي سان گڏ سنڌ ياترا تي آهن. سهيل آفريدي پنهنجي جماعت پاران اعلان ڪيل اسٽريٽ موومينٽ لاءِ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ شهرين کي تحريڪ ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ جي مشن تي نڪتل آهي. ٻي پاسي تحريڪ تحفظِ آئين وارا 8 فيبروري تي شٽر ڊائون هڙتال ڪرائڻ جي مهم هلائي رهيا آهن.گذريل ڏينهن لاهور ۾ اين جي اوز برانڊ سرخن جي هڪ تنظيم “حقوقِ خلق پارٽي” پنهنجي ڪيترين ئي ذيلي تنظيمن سميت تحريڪ تحفظِ آئين ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ته مون کي ماضي جي مزدور ڪسان پارٽي سان لاڳاپيل فتحياب علي خان ياد اچي ويو. پنجاب ۾ ترقي پسندن جي اين جي اوز برانڊ هڪ ڌڙي جي پارٽي حقوقِ خلق پارٽي جو سربراهه، اسان جو قابلِ احترام دوست فاروق طارق آهي. عمار علي جان، جيڪو هڪ سڃاتل ترقي پسند شخصيت آهي، هن جماعت جو سيڪريٽري جنرل آهي. عمار علي جان ٽئين فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ “مان باغي آهيان” واري مشهور نظم جي خالق ڊاڪٽر خالد جاويد جان جو فرزند آهي. ڊاڪٽر صاحب جي سياسي وابستگي پيپلز پارٽي سان رهي آهي، جڏهن ته سندس فرزند عمار علي جان ترقي پسند خيالن جو حامل آهي ۽ پنجاب جي نوجوانن جي هڪ حلقِي ۾ چڱي سڃاڻپ رکي ٿو. ڪجهه عرصو اڳ عمار علي جان ڪراچي جي بلدياتي چونڊن ۾ جماعتِ اسلامي جي حمايت ڪئي هئي. هاڻي سندس جماعت “انجمن متاثرينِ عمران خان” المعروف تحريڪ تحفظِ آئين ۾ شامل ٿي چڪي آهي.
اسان جي همزاد فقير راحمون جو دعويٰ آهي ته تحريڪ تحفظِ آئين نالي هي اتحاد ايندڙ ڏينهن جي سياست ۾ اهوئي ڪردار ادا ڪندو، جيڪو سال 1977ع ۾ ٺهندڙ سياسي اتحاد پاڪستان قومي اتحاد (پي اين اي) جو هو. اسان کانئن پڇيو ته 1977ع وارو پي اين اي ته يو ڊي ايف نالي اتحاد جي ڪُک مان جنم ورتو هو، ۽ اهو به ته ان جي پٺيان مقامي اسٽيبلشمينٽ جو هڪ ڌڙو هئڻ سان گڏ آمريڪا ۽ برطانيا به شامل هئا. اڳتي هلي سعودي عرب به پنهنجو وزن پي اين اي جي پلڙي ۾ وجهي ڇڏيو هو. هاڻي سوال اهو آهي ته هن وقت ڪير ڪنهن جي پٺيان بيٺل آهي؟ جواب ۾ فقير راحمون اسان کي هڪ جرمن اين جي او ٽائپ تنظيم جي ڊگهي ڪهاڻي ٻڌائي، جيڪا ماضيءَ ۾ جمهوري آزادين ۽ لبرل ازم جي پرچار لاءِ مختلف تنظيمن ۽ ميڊيا هائوسز کي فنڊ فراهم ڪندي رهي آهي، ۽ پوءِ اينٽي ڊرون تحريڪ ۾ سرگرم عمل شخصيتن ۽ تنظيمن کي جمائما گولڊ اسمٿ وسيلي به روڪڙ (فنڊ) مهيا ڪندي رهي.
فقير راحمون جي ڪهاڻي وچ ۾ ڪٽيندي اسان عرض ڪيو ته اسان ته اهو پڇي رهيا آهيون ته جيڪڏهن تحريڪ تحفظِ آئين جو مستقبل پي اين اي جهڙو آهي ته پوءِ پردي پٺيان قوتن بابت ٿورو گهڻو اشارو ته ڏيو! ان تي موصوف ڪاوڙ مان چيو: “جيڪڏهن سموريون ڳالهيون مان ئي ٻڌائي ڇڏيندس ته پوءِ توهان پاڻ ڇا ڪندا؟” بهرحال، اهي سٽون لکجڻ تائين تحريڪ تحفظِ آئين جا اڳواڻ اڃا تائين لاهور ۾ موجود آهن. هو پنهنجي هن دوري کي عوامي رابطا مهم جو حصو قرار ڏئي رهيا آهن، جيڪا 8 فيبروري جي شٽر ڊائون هڙتال لاءِ آهي.
اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي تجويز تي ٺهندڙ هن اتحاد (تحريڪ تحفظِ آئين) جو سربراهه محمود خان اچڪزئي آهي، جڏهن ته سيڪريٽري جنرل ايم ڊبليو ايم جو چيئرمين سينيٽر راجا ناصر عباس جعفري آهي. بلاول ڀٽو جو اڳوڻو ترجمان مصطفىٰ نواز کوکر پڻ هن اتحاد جو سرگرم اڳواڻ آهي. مصطفىٰ نواز تي ياد آيو ته جڏهن هو پيپلز پارٽي ۾ هوندو هو ته عمران خان جا حامي انقلابي شيعا اسان کي سندس خاندان جي هڪ ڪالعدم مذهبي جماعت سان لاڳاپن ۽ ملڪيتن تي قبضن جون ڪهاڻيون ٻڌائيندا هئا، پر خير، هاڻي هو “ڪفارو” ادا ڪري چڪو آهي، تنهنڪري اسان جا اهي ئي دوست کيس تمام گهڻو محبوب سمجهن ٿا.هلو، ڇڏيون ٿا انهن ڳالهين کي …. محمود خان اچڪزئي ۽ راجا ناصر عباس جعفري جو چوڻ آهي ته هو آئين ۽ ملڪ کي بچائڻ لاءِ نڪتا آهن. اچڪزئي صاحب ته ڪالهه 26هين ترميم ڪندڙن کي توبهن ڪرڻ جو مشورو ڏيندي اهو به چيو ته هو قوم کان معافي وٺن، جڏهن ته راجا ناصر عباس جعفري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ماڻهو پنهنجن حقن لاءِ اٿي بيٺا ته حالتون خراب ٿي وينديون.راجا صاحب سان منسوب ٻه بيان ويجهڙ وارن ڏينهن ۾ مارڪيٽ ۾ گردش ڪري رهيا آهن. هڪ بيان ۾ هن ايراني عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي حڪومت مخالف تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ بدران پاڻ کي پنهنجن گهرن تائين محدود رکن. ٻئي بيان ۾ هن پاڪستاني عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي 8 فيبروري تي ٻاهر نڪرن ۽ هر شيءِ کي ‘تَهَس نَهَس’ ڪري ڇڏين. گذريل ڏينهن لاهور ۾ جڏهن هڪ صحافي کانئس سياسي ۽ سوشل ميڊيا مارڪيٽن ۾ گهمندڙ انهن ٻنهي بيانن بابت سوال ڪيو ته هن ايران واري معاملي تي ته جواب ڏنو، پر پاڪستان ۾ ‘هر شيءِ تَهَس نَهَس ڪرڻ’ واري ڳالهه لنوائي ويو. بهرحال، اهي ٻئي بزرگ اڳواڻ تمام گهڻا پراميد آهن ته 8 فيبروري تي عوام ٻاهر نڪرندو ۽ مينڊيٽ چور حڪومت کي سبق سيکاري ڇڏيندو.
شروعاتي سٽن ۾ عرض ڪيو هئم ته خيبرپختونخوا جو وزيراعليٰ سهيل آفريدي پنهنجي صوبائي ٽيم ۽ تحريڪ انصاف جي ڪجهه وڏن اڳواڻن سان گڏ اسٽريٽ موومينٽ جي حوالي سان عوامي رابطا مهم لاءِ صوبي سنڌ جي دوري تي آهي. سهيل آفريدي ۽ سندس ساٿين جي ڪراچي پهچڻ تي سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني سندن آجيان ڪئي هئي. سنڌي سماج جي هن رواداريءَ تي پيپلز پارٽي جي اتحادي نون ليگ جي واترادن ۽ سوشل ميڊيا مجاهدن نه رڳو پيپلز پارٽي کي سِڱن تي کنيو، پر هن آجيان کي به زرداريءَ جي ‘مفاد پرست سياست’ جو حصو قرار ڏنو. ايترو ئي نه، پر پاڻ تحريڪ انصاف جا حامي ڪجهه يوٽيوبَر ۽ سوشل ميڊيا مجاهد به اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته آصف علي زرداري هڪ شاطر ماڻهو آهي، جنهن کي خبر آهي ته مستقبل تحريڪ انصاف جو آهي؛ تنهنڪري سنڌ ۾ پنهنجن ٻارن جي سياسي مستقبل کي محفوظ رکڻ لاءِ هن سهيل آفريدي ۽ سندس ٽيم جي آجيان ڪرائي. ٻئي پاسي هڪ ڏيڍ ڏينهن جي خوشگوار ماحول کان پوءِ سهيل آفريدي حيدرآباد ۾ ٻن اجتماعن کي خطاب ڪندي سنڌ کي زرداري کان آزاد ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
فقير راحمون جو چوڻ آهي ته هي اعلان حيدرآباد جي ان ٻئي اجتماع ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ۾ رهندڙ پٺاڻ برادرين جا ماڻهو شامل هئا، جڏهن ته مقامي ماڻهو ٻه ٽي سيڪڙو ئي هئا. اڊيالا جيل ۾ سهيل آفريدي جي قيد مرشد ۽ قائد عمران احمد خان نيازي پڻ 2011ع ۽ 2012ع کان علاوه به ڪيترن ئي موقعن تي سنڌ کي ‘زرداري رجيم’ کان آزاد ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو. هاڻي سهيل آفريدي اهڙو اعلان ڪري رهيو آهي، پر هو ان تلخ حقيقت کي نظرانداز ڪري رهيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سندس آجيان ڪندڙ هجوم ۾ نوي پنجانوَي سيڪڙو ماڻهو انهن شهرن ۾ رهندڙ پٺاڻ برادرين سان لاڳاپيل هئا.
هي سٽون لکجڻ وقت خبر ملي آهي ته ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين پنهنجي حامين کي چيو آهي ته هو ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. سوشل ميڊيا تي هن حوالي سان هلندڙ دعوائن جي حقيقت اهي سٽون لکجڻ کان ڪجهه ڪلاڪن پوءِ سامهون اچي ويندي، جڏهن باغِ جناح ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جو جلسو منعقد ٿيندو.
آخري ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه ۽ سهيل آفريدي جي ڪالهه سومر جي منجهند رٿيل ملاقات منسوخ ٿي وئي آهي. تحريڪ انصاف جي ذريعن موجب اها ملاقات سيد مراد علي شاهه جي مصروفيتن سبب رد ڪئي وئي، جڏهن ته پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) جي حامين جي دعويٰ آهي ته ملاقات راولپنڊي جي حڪم تي منسوخ ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان اسان جي سوال تي فقير راحمون جو چوڻ آهي:
“چُپ کر دڑ وٹ جا عشقے دا نہ کھول خلاصہ”