سياست ڇا آھي؟
رياست ھلائڻ جو فن ۽ فڪر.
رياست ڇا آھي؟
ماڻھن کي قانون مطابق ھلائڻ جو ھنر
۽ سچ ڇا آھي؟
جڏھن اھو سوال مشھور انگريز مفڪر فرانسز بيڪن جي دماغ جو در وڄائڻ آيو ته ھو به جواب ڏيڻ بدران کسڪي ويو.
سياست جو اصل ڪم معاشري ۾ پيدا ٿيل پيچيدگيون ختم ڪرڻ، پراڻن معاملن کي مناسب طرح سان اڪلائڻ ۽ مسقتبل جون نيون راھون روشن ڪرڻ کان ۽ اھو ڪم مڪمل سچائي ۽ دل جي لگن سان تڪميل تائين پھچائيندو رھڻ ھجڻ کپي. رياست جي مارڪسي تشريح ممڪن آھي ته تڪرار جو سبب بڻجي، ان ڪري سادن لفظن ۾ رياست پنھنجن شھرين کي تحفظ فراھم ڪرڻ، انھن کي منظم طرح سان توازن ۾ رکڻ ۽ دنيا سان اھڙو رشتو قائم ڪرڻ آھي، جنھن سان ماڻھن کي محفوظ زندگي ۽ اميدن ڀريو آئيندو نصيب ٿي سگھي.
دنيا ۾ ڪا به رياست اھڙي ناھي، جنھن کي اسان “آئيڊيل” ھجڻ جو اعزاز ڏئي سگھون. يونان جي ڏاھي انسان افلاطون جي خيالي رياست ۾ به مثالي رياست طور تي تسليم نه ڪئي وئي آھي. جڏھن ته ڪميونسٽ رياست لفظن ۽ عملن جي حوالي سان وڏي جھيڙي جو موضوع بڻيل رھي آھي. ان جي ڀيٽ ۾ مغرب جون جمھوري رياستون سٺيون ۽ سلڇڻيون سمجھيون ۽ سمجھايون وينديون آھن. جڏھن ته يورپ جي اندر ئي ڊينمارڪ، سويڊن ۽ ناروي جي رياستن کي عظيم فلاحي رياستون قرار ڏئي، اھو اعتراف ڪيو ويندو آھي ته پوري دنيا جي رياستن کي ان حيثيت تائين رسائي نه ٿو سگھجي. پر دنيا جا ملڪ پاڻ ۾ وڌ کان وڌ بھتري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪري سگھن ٿا.
ھن دنيا ۾ اھڙيون رياستون به رھيون آھن، جن پنھنجي عوام کان جمھوريت کسي انھن کي آمريت جي اوڙاھ ۾ اڇلايو. ھن دنيا ۾ اھڙيون رياستون به آھن، جن ۾ ھن مھل تائين جمھوريت جي داخلا مڪمل طور تي منع آھي. ھن دنيا ۾ اھڙيون رياستون به ته آھن، جن پنھنجي ماضيءَ جي مقابلي ۾ تمام گھڻي ترقي ڪئي آھي. انھن جي ترقي صرف خلا کي تسخير ڪرڻ ۽ چنڊ تي پھچڻ واري نه رھي آھي، ڇو ته پنھنجي ملڪ جي مسڪين عوام کي گول مانيءَ جھڙو چنڊ ميسر ڪري ڏيڻ ته ترقيءَ جو اصل بنياد آھي.
ترقي ڇاھي؟ اھو سوال ھونءَ ته سدائين پنھنجو ڪنڌ مٿي کڻندو رھيو آھي پر ان سوال سرد جنگ جي اختتام تي تمام گھڻو شور مچايو ھو. اھو سوال ھن مھل ڪجھ ماٺو آھي پر اھو ڪڏھن به پنھنجو آواز اوچو ڪري سگھي ٿو، ڇو ته ترقي جو تصور سدائين رياست ۽ عوام يعني ملڪ ۽ ماڻھن جي وچ ۾ عملي طور تي توازن جي تمنا ڪندو رھيو آھي. اھا ترقي اڀ کي ڇھندڙ عمارتن ۽ جديد ترين ايئرپورٽن ۽ جنگ جي ڀيانڪ ھٿيارن جا ڍڳ ڪٺا ڪرڻ جو نالو ته ناھي. ترقيءَ جي بنيادي تقاضا ڌرتيءَ جو ماحولياتي تحفظ ۽ انسانن لاءِ مادي ۽ روحاني سک، سڪون ۽ آزادين جو اھو عظيم سلسلو آھي، جنھن جا اسان جھڙا بدنصيب ملڪ سپنا به سوچي نه ٿا سگھن، جڏھن ته اھو سڀ ڪجھ ناممڪن به ناھي. دنيا ۾ ھڪڙا انسان اھي آھن، جن جدوجھد وسيلي تمام منظم ۽ محفوظ معاشرا وجود ۾ آڻي ورتا آھن. جڏھن اسان وٽ انھن جو بنياد به نه رکيو ويو آھي. ترقيءَ جي منزل ماڻڻ لاءِ ترقيءَ جو سفر شروع ڪرڻ تمام ضروري آھي. اسان وٽ ته اڃان ان مسافريءَ جي ابتدا به نه ٿي سگھي آھي. اھوئي سبب آھي جو ھن مھل اسان جي ملڪ مٿان انھيءَ بي يقينيءَ جا بادل ڇانيل آھن، جن ڪڏھن به اميد جي سج کي اھا اجازت نه ڏني آھي ته ھو ھن ملڪ جي مايوس سرزمين تي اميدن جا ڪرڻا پکيڙي ۽ اھو حوصلو عطا ڪري ته ھتي به سکن جا ساز وڄندا.
ملڪن ۾ پرامن انقلاب پيدا ڪرڻ ايترو آسان ناھي، جيترو روس جي جڳ مشھور مفڪر ۽ اديب ليو ٽالسٽاءِ پنھنجن اڪثر افسانن ۾ پيش ڪيو آھي پر اھو قطعي طور تي ناقابل عمل ناھي، ڇو ته اسان پنھنجي اکين سان دنيا جي ملڪن ۾ اھي تبديليون اينديون ڏٺيون آھن، جن تبديلين کان پوءِ انھن جي جھنم جھڙا معاشرا جنت نظير بڻجي ويا. جن تبديلين سبب انھن جا مرجھايل ماڻھو تازي مرڪ سان گلن وانگر ٻھڪندا نظر آيا. انھن جا اسڪول پکين جي شور جھڙا آواز پيدا ڪرڻ لڳا. انھن جون اسپتالون مرضن جا مقابلا ڪندڙ جديد ۽ ڪامياب مورچن ۾ تبديل ٿي ويون. انھن جا سرڪاري ادارا عوام جي مٿان شرمناڪ تشدد ڪرڻ ۽ پنھنجن اختيارن سبب پنھنجن ماڻھن کي لٽڻ ڦرڻ بدران انھن جو سھارو بڻيا. انھن کي سھولتون ڏيڻ لڳا. سڀ کان وڏي ڳالھ ته انھن لاءِ معاشري کي محفوظ ۽ قابل اعتبار بڻائڻ واري ڪاميابيءَ کي به ماڻي ويا. اھو سڀ ڪجھ ھرگز نه ٿي سگھي ھا، جيڪڏھن انھن ملڪن جون مجموعي قوتون پاڻ ۾ سر جوڙي نه ويھن ھا.
دنيا ۾ ڪافي ڳالھيون تڪراري آھن پر ڪجھ معاملن تي بحث جي بلڪل به گنجائش نه رھي آھي. انھن ٿورين شين ۾ ھڪ اھم شيءَ اھا به آھي ته دنيا جي ڪا به رياست سچي ۽ صاف شفاف سياست کان سواءِ نه ته پنھنجن ماڻھن جي خدمت ڪري سگھي ٿي ۽ نه وري عالمي سطح تي جنم وٺندڙ خطرن جو مقابلو ڪرڻ جي سلسلي ۾ سوچي به سگھي ٿي. اھو ممڪن ناھي ته دنيا جو ڪو به ملڪ ترقيءَ جي تصور جي عمل ۾ آڻڻ لاءِ سچائي کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو اختيار ڪري سگھي.
ڏکڻ آفريڪا جي تاريڪ غلاميءَ جا ڏک دنيا ڪڏھن به فراموش نه ڪندي. اھوئي سبب آھي ته مشھور اديب ايلن پوٽن پنھنجي شھره آفاق ناول جو نالو رکيو ھو Cry the Beloved Country يعني “روءُ اي منھنجا محبوب ملڪ” پر ان ملڪ جي لڙڪ لاڙيندڙ انسانن ڪيئن مسڪرايو؟ جيڪڏھن نيلسن منڊيلا جي ملڪ ۾ “سچ ۽ انصاف جي ڪميشن” جو بنياد نه رکيو وڃي ھا ته ڏکڻ آفريڪا جا جھونا زخم ايترو جلدي نه ڀرجي سگھن ھا.
ھن وقت اسان جي ملڪ جو اھڙو حال آھي، جھڙو ڪڏھن دنيا جي انھن ملڪن ھو، جن ۾ جبر ۽ جوٺ جو راڄ ھو. پاڪستان دنيا جو اھو ملڪ آھي، جنھن ۾ سکن جا سٺا ۽ سھڻا سپنا ته ڏٺا ۽ ڏيکاريا ويا آھن پر انھن خوابن کي حقيقت ۾ تبديل ٿيڻ ڏيڻ جي اجازت نه آھي. جڏھن ته اسان کي سمجھڻ گھرجي، بلڪه اسان کي تسليم ڪرڻ گھرجي ته سچائيءَ کان سواءِ اسان انفرادي ڪاميابي به ماڻي نه ٿا سگھون. جڏھن ته ھي اجتماعي ڪاميابيءَ جو سوال آھي. جڏھن ته ھي ھڪ ملڪ جي نجات ۽ ترقيءَ جو معاملو آھي.
پاڪستان جي سلسلي ۾ اھا سچائي ملڪ جي ميڊيا تي به ھر روز مباحثي جو موضوع بڻيل آھي ته ھتي سياست جو مطلب سازش ۽ رياست جي معنيٰ جبر آھي. جڏھن سياست حق بدران حرفت بڻائي وڃي ۽ رياست کي ماءُ جي مرڪ بڻائڻ بدران ڏائنڻ جا ڏند ڏنا وڃن ته پوءِ اسان اھا منزل ڪئين ٿا ماڻي سگھون، جنھن جو خواب صرف علامه اقبال نه ڏٺو ھو پر ھر اديب اھو خواب پنھنجي تحرير ۾ ٽانڪيو ھو ۽ ھر انسان ان خواب جي حاصلات لاءِ جيڪڏھن جيلن واري جدوجھد نه به ڪئي آھي ته ھن ھڪ اداس ۽ سرد ساھ ضرور ڀريو آھي. ڇا اھو سچ ناھي ته بار بار دوکا کائڻ کان پوءِ انسان پنھنجين اميدن تان به ھٿ کڻي ويندو آھي!؟
فيض احمد فيض لکيو ھو:
“ھم ساده لوح ايسي ٿي، ڪي يونھي پذيرائي
جس بار خزان آئي، سمجھي ڪه بھار آئي”
ھر حڪومت جي اميدن سان آجيان ڪري ۽ ھر حڪومت کي مايوس غصي سان گھر موڪلي اسان جو عوام ايترو ته ٿڪجي پيو آھي، جو ھو ھاڻي ھڪ نئين اميد جي سھاري سان پنھنجي دل جي ڌاڳي کي ڪنھن باس جي بھاني، ڪنھن مشڪبو مزار تي پراڻي دروازي يا ڪنھن جھوني کٻڙ جي ٽاريءَ ۾ به ٻڌي نه ٿو سگھي. ڇو؟ ڇو ته ھن مھل تائين ڪٿان به تبديليءَ جو ڪو آثار ظاھر نه ٿيو آھي. جڏھن سازشن مٿان سازشون جنم وٺن، جڏھن دوکن مٿان دوکا پيدا ٿيندا رھن، جڏھن ڪوڙ کي سچ بڻائڻ جو سلسلو رڪجڻ جو نالو ئي نه وٺي ته پوءِ اميد جا اجھاميل ديپ ڪيئن روشن ٿي سگھندا؟ مٿين مايوس ڪندڙ تحرير، ڪڏھن به لفظن جا ماتمي لٽا پائي، ڪاغذ مٿان پنھنجو پاڻ کي آشڪار نه ڪري ھا، جيڪڏھن سرڪار جي ھن نگران سيٽ اپ ۾ ڪٿي به ڪنھن سچائيءَ جي ڪا ريک ڏسڻ ۾ اچي ھا.
ھيءَ حڪومت، جنھن کي آئيني طور تي نگران قرار ڏنو ويو آھي، ان حڪومت جي ھوندي جڏھن سنڌ جي سکر شھر ۾ ھڪ ساک وارو صحافي قتل ڪيو وڃي ۽ ان جي انصاف لاءِ پوري سنڌ جا قلمڪار سراپا احتجاج ھجن ۽ نگران حڪومت پاران ڪنھن طرح سان ڪو ڪوڙو يقين ڏيارڻ جي ڪا ناڪام ڪوشش ٿيندي نظر نه اچي ته پوءِ مايوسيءَ جو مقدار ڇو نه وڌندو؟ ھيءَ حڪومت جيڪا قانون جي پاسدار ھجڻ جو اعلان ڪري وجود ۾ آئي آھي، جڏھن ان حڪومت جي دور ۾ درگاھي ڪلچر جي اڏيءَ تي ھڪ پکيءَ جھڙي مسڪين نياڻي نھايت سفاڪيءَ سان ڪٺي وڃي ۽ ھن لاءِ مڪمل ۽ صاف شفاف انصاف ٿيندو نظر نه اچي ۽ نه وري رياست کي سوين فاطمائون بچائڻ جي ڪا پريشاني ھجي ته پوءِ نااميديءَ جي مقدار ۽ معيار ۾ اضافو ٿيڻ اڻ ٽر بڻجي وڃي ٿو. ھڪ غير محفوظ معاشري واري ملڪ جا حڪمران ڪجھ به چون پر انھن جا الفاظ اميدن جا ستارا جرڪائي نه ٿا سگھن، ڇو ته انھن جو پنھنجو بنياد ان پراڻي دوکي تي آھي، جيڪو ھن مھل تائين پنھنجي پوري زور شور سان جاري آھي. سچ ۽ صرف سچ! اسان کي ھن صورتحال مان ڪڍڻ جو ڪو رستو نروار ڪري سگھي ٿو، جڏھن ته اسان جي رياست ۽ انھن جا ايندڙ ويندڙ يا سدا ساوا سربراھ پنھنجي ملڪ جي ماڻھن سان اصل حقيقت اورڻ جا عملي مخالف رھيا آھن.
ھي نگران سرڪار جو سيٽ اپ آھي. ان نگران حڪومت مان انصاف جي ڪھڙي اميد رکجي؟ جيڪا نگران سرڪار اھو سچ به نه سگھي ته آئين مطابق ھلندڙ سال واري اليڪشن آخر ڪڏھن ٿيندي؟