| سياستدان استعمال پيا ٿين، 28هين ترميم کي به ڏسي وٺبو: فضل الرحمان |
اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 28هين آئيني ترميم آئي ته ان کي به ڏسي وٺنداسين. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته حق جي ڳالهه ڪنداسين.هن چيو ته ملڪ ۾ سياست ختم ڪئي پئي وڃي، جنهن سان پارليامينٽ جي اهميت متاثر ٿي رهي آهي ۽ ان صورتحال سان پاڪستان جو سول نظام غير اثرائتو ٿي ويندو، سياستدان حڪمراني نه پيا ڪن پر استعمال ٿي رهيا آهن