سياست بالغن حوالي: فوجي قوت مضبوط ڏسڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: فضل الرحمان

سياست بالغن حوالي: فوجي قوت مضبوط ڏسڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: فضل الرحمان

ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنا) جي يو آءِ جي سربراه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ديني مدرسن بابت منفي تاثر پيدا ڪيو پيو وڃي ته اتي نوجوانن جون صلاحيتون محدود ڪيون وڃن ٿيون، جڏهن ته حقيقت انهي  جي ابتڙ آهي. برصغير جي تاريخ ۾ اهڙا مدرسا نه هئا ۽ نه اڄ آهن، جيئن بدنام ڪيو وڃي ٿو، مدرسن مان قرآن پاڪ ۽ حديث جي حفاظت ٿي رهي آهي. ڪالهه لياري ۾ تحفظ مدارس دينيه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ديني تعليم بابت سرڪاري ادارن جي سوچ اڄ به انگريزن واري ذهنيت جو تسلسل آهي. انهن کي هندو يا انگريز کان نه پر ملڪي ڪامورن، اسٽيبلشمينٽ، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کان خطرو آهي، هن چيو ته مدرسن جو تحفظ رياستي ادارن جي ذميواري آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته 78 سالن ۾ ملڪ جو ڪو هڪ وڏو ڪارنامو ٻڌايو وڃي، معيشت تباهه ٿي چڪي آهي، ادارا پنهنجو احتساب ڪرڻ بجاءِ  مدرسن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ جي فوجي قوت کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا ته گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته 2004-05 ۽ 2010 ۾ ديني مدرسن سان معاهدا ڪيا ويا، پوءِ به مدرسن خلاف مهم هلائي پئي وڃي. لکين شاگرد ديني مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ڪنهن کي حق ناهي ته علم جي تقسيم ڪري يا مدرسن کي ڊمي ادارا سڏي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪي سياست انهن ماڻهن حوالي ڪئي وئي آهي جن کي سياست جي سمجهه ناهي، فوج ۽ بيوروڪريسي عوام کي بنيادي حق ڏيڻ جون پابند آهن، اسان جنگ نٿا چاهيون پر نظام کي درست ڪرڻ ضروري آهي. ان موقعي تي جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو چيو ته لاقانونيت، ظلم ۽ ڪرپشن سنڌ جي عوام کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي، لياري سميت سڄي سنڌ بدامني، لاقانونيت، ڪرپشن ۽ حڪمرانن جي نااهلي سبب مسئلن جي ور چڙهيل آهي، روڊ رستا تباهه ٿي چڪا آهن ڪچي جا علائقا ڌاڙيلن حوالي ڪيا ويا آهن، حڪمرانن جو جلد عوامي احتساب ڪبو