Home » سياست ۾ پُرامن مزاحمت وارو رستو ۽ پليجو صاحب
سياست ۾ پُرامن مزاحمت وارو رستو ۽ پليجو صاحب
جُون 7, 2023
سياست ڪجي؟ قومي سياست ڪجي؟ انقلابي سياست ڪجي؟ وڏيرڪي سياست ڪجي؟ طبقاتي سياست ڪجي؟ جمهوري سياست ڪجي؟ نج عوامي سياست ڪجي؟ پاڻ سان گڏ ڪهڙي طبقي کي کڻجي؟ هر دور ۾ طاقت ۽ حڪومت ۾ رهندڙ اشرافيه طبقي کي پاڻ سان ملائي سياست ڪجي؟ ڀتا خور ملائي ڀتا خوري واري سياست ڪجي؟ ڪرمنل ۽ دهشتگردي واري سياست ڪجي؟ اسٽيبلشمينٽ جي مفادن وٽان عوام دشمن سياست ڪجي؟ ڊرائنگ روم يعني بند ڪمرن ۽ آسائش واري سياست ڪجي؟ عوام جي ساٿ سان نج عوامي ۽ پورهيت طبقي جي مفادن ۽ فائدي واري سياست ڪجي؟
پرامن مزاحمت واري سياست ڪجي يا پرتشدد سياست ڪجي؟ عوام جي وسيع تر مفادن خاطر هڪڙي اڙانگي ۽ ڊگهي جدوجهد واري سياست ڪجي؟ رسول بخش پليجي صاحب پنهنجي انتهائي ويجهن پيارن ساٿين، ڀينرن ۽ نياڻين سان گڏجي عوام جي وسيع تر مفادن خاطر هڪڙي اڙانگي ۽ ڊگهي جدوجهد واري سياست کي ترجيح ڏيندي قومي عوامي جمهوري انقلاب جهڙا آدرش آڏو رکي عوامي تحريڪ جو بنياد رکيو ۽ ان سان گڏ پرامن مزاحمت وارو رستو اختيار ڪيو، ڇو ته هن پنهنجي قوم جو گهرو تاريخي جائزو ورتو. هن پنهنجي قوم جي طبقاتي ۽ سماجي بيهڪ جو وسيع مطالعو ۽ تجزيو ڪيو ۽ ان جو مڪمل خاڪو پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ‘صبح ٿيندو’ ۾ پيش ڪيو.
هن ڏٺو پئي ته جنهن دور ۽ وقت ۾ اسان جنهن قسم جي نج عوامي سياست شروع ڪري رهيا آهيون، تنهن ۾ ڪنهن به قسم جي هٿياربند ۽ پرتشدد سياست اسان کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندي، ڇو ته ان ميدان ۾ اسان جو دشمن اسان کان هزار دفعا وڌيڪ طاقت ۽ سگهه رکي ٿو. اسان هن کي ان ميدان ۾ شڪست ڏيون، اهو ممڪن ئي ناهي. تنهن ڪري اسان جو هٿيار پرامن مزاحمت وارو هوندو.
رسول بخش پليجي جي سڄي سياسي زندگي ۾ اسان کي سندس پرامن مزاحمت واري حڪمت عملي نظر اچي ٿي. جنرل ايوب خان جي قهري دور ۾ جي ايم سيد سان گڏجي “بزم صوفياءِ سنڌ” جي پليٽ فارم تان به اهڙي قسم جي مزاحمت ٿيندي نظر اچي پئي. پوري سنڌ ۾ مختلف صوفين، بزرگن ۽ اوليائن جا ڏينهن ملهايا وڃن ٿا، جيڪي اصل ۾ عوامي جلسا هوندا هئا. جتي شاهه لطيف جي شاعري سان گڏ ٻين شاعرن جي شاعري جو سهارو وٺي جنرل ايوب خان ۽ هن جي حڪومت خلاف عوام کي منظم ڪيو ويندو. اڳتي هلي سنڌ ۾ اها هڪ تاريخي تحريڪ ثابت ٿي.
ذوالفقار علي ڀٽي جي ‘نج عوامي دور’ ۾ به رسول بخش پليجي پنهنجي جدوجهد جاري رکي. هن جي حڪومت جي غيرجمهوري فيصلن جي خلاف هن مزاحمت ڪئي. قومن جي تاريخ وجود کان انڪاري 1973ع جي آئين خلاف جن سڀ کان پهرين آواز اٿاريو، رسول بخش پليجو انهن ۾ سرفهرست آهي. ڀُٽي جي حڪومت جڏهن بهارين کي پاڪستان آڻڻ جو اعلان ڪيو ته ان خلاف رسول بخش پليجو اٿي بيٺو ۽ ان کي چئلينج ڪيو. بنگالين جي قتل عام ته جڏهن پورو اولهه پاڪستان خاموش هو، تنهن وقت جيڪي چار ڄڻا آواز اٿاري رهيا هئا، ان وقت رسول بخش پليجي “جيڪي بنگال سان ٿيو” ڪتاب لکيو. ڀُٽي جي حڪومت جڏهن بلوچستان ۾ عطاءُ الله مينگل جي حڪومت ختم ڪري اتي گورنر راڄ لڳايو ۽ عطاءُ الله مينگل، خير بخش مري، ولي خان ۽ ٻين کي حيدرآباد ۾ قيد ڪري رکيو ته رسول بخش پليجي هڪ وڪيل طور پنهنجي بلوچ ۽ پشتون ڀائرن جو ساٿ ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ڀُٽي جي حڪومت هن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهي ڇڏيو.
جنرل ضياءَ جي انتهائي قهري دور ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاهي اچي چڪي هئي ۽ پيپلز پارٽي وارا ڀُٽي صاحب جي غائبانه نماز جنازه پڙهڻ لاءِ ضياءَ جي حڪومت کي درخواستون ڏئي رهيا هئا، تنهن وقت عوامي تحريڪ رسول بخش پليجي صاحب ۽ شهيد فاضل راهو جي اڳواڻي ۾ گولاڙچي ۾ تاريخي هاري ڪانفرنس ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. 1979ع ۾ صحافين جي تحريڪ وقت عوامي تحريڪ جي ڪيترن ڪارڪنن صحافين سان گڏجي گرفتاريون پيش ڪيون ۽ سالن تائين قيد ڪٽيندا رهيا. 1983ع ۾ تاريخي ايم آر ڊي تحريڪ هلائي، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي ۽ بنيادي ڪردار هو. پليجو صاحب، فاضل صاحب ۽ ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن سالن تائين جيل ۾ قيد ڪيا ويا. جيل مان نڪرڻ کانپوءِ به ساڳي مزاحمت رهي. اڳتي هلي فاضل صاحب کي پڻ شهيد ڪيو ويو، پر عوامي تحريڪ جدوجهد جي ميدان ۾ رهي.
رسول بخش پليجي صاحب جي سڄي سياسي ۽ نجي زندگي ان ڳالهه جي شاهد آهي ته جڏهن به ملڪ تي، سنڌ تي يا سنڌ جي ڪنهن شهر، واهڻ وستي تي خوف جا ڪارا ڪڪر آيا، ڪنهن حڪمران ڪروڙين عوام کي خوف ۽ دهشت ذريعي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي اهڙي عوام دشمن ڪوشش ۽ عمل جي خلاف رسول بخش پليجو عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان پنهنجي ساٿين سان گڏ ان پرامن هٿيار سان اٿي بيهي سخت مزاحمت ڪري ان کي شڪست ڏني. جهڪيو نه، وڪيو نه، لڪيو نه، خاموش نه ٿيو، پوري قوت ۽ سگهه سان پنهنجو پرامن مزاحمت وارو هٿيار ڦٽا نه ڪيو ۽ وڙهندو رهيو. جڏهن اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي نه صرف تعمير جو اعلان ڪيو پر ان سان گڏ ڊيم ٺاهڻ لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي ۽ اعلان ڪيو ته جيڪو ان ڊيم جي خلاف اٿي بيٺو، تنهن جي خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت غداري جو ڪيس داخل ڪندس. پوءِ ان چيف جسٽس جي خلاف سڀ کان پهرين پرامن مزاحمت جو اعلان ان عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ ڪيو. تنهن ڪري هن وقت پوري پاڪستان ۾ جيڪا پرامن عوامي مزاحمت ٿي رهي آهي، جيڪا اسٽيبلشمينٽ کي چئلينج ڪري رهي آهي، جيڪا عوام دشمن قوتن کي ڏڪائي رهي آهي، تنهن ۾ رسول بخش پليجي صاحب جو نهايت بنيادي ۽ مرڪزي ڪردار آهي.