| سياسي اختلاف جو جواب ٿاڻا نه جمهوري عمل هجڻ گهرجي: ايس ٽي پي |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو، گلزار سومرو، حيدر شاهاڻي، نثار ڪيريو، هوت خان گاڏهي، قادر چنا، ڊاڪٽر احمد نوناري، امتياز سمون ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ مٺي ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ خلاف، سنڌ جي وحدت ۽ بقاءَ جي تحفظ ۽ افغان پناهگيرن جي نيڪالي لاءِ ڪيل احتجاجن دوران پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر سومار مڱريو، ڄام شوڪت ابڙو، ضلعي صدر پرويز نوحاڻي، نائب صدر اڪبر شر، رابطا سيڪريٽري نور محمد مهر، جوائنٽ سيڪريٽري سجاد ڪنڀر، ضمير لغاري، اعجاز شر، زيشان مالڪ نوحاڻي، سجاد علي سنڌي، ممتاز سومرو، رميش ڀيل، عالمچند ڪولهي، پريتم ڀيل، نياز محمد خاصخيلي، چڱون خان چانڊيو، سورهيه بگٽي، ٺارو نوحاڻي سميت 93 کان وڌيڪ مرڪزي، ضلعي ۽ تعلقي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي قيد ڪيو ويو آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سنڌ حڪومت کان پوليس گردي ۽ سياسي ڪارڪنن خلاف جبري ڪارروايون فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ قائم پ پ حڪومت آئين، قانون ۽ جمهوري قدرن جا سمورا ليڪا لتاڙي کليل جبر، وحشت ۽ بربريت جو رستو اختيار ڪيو آهي؛ هڪ طرف اها لفاظي ڪندي سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون صوبن جي قيام جي مخالفت ڪري رهي آهي، ته ٻئي طرف سنڌ جي ورهاڱي خلاف ٿيندڙ پرامن احتجاج ۽ سياسي مخالفت کي جبري هٿڪنڊن، پوليس چڙهاين ۽ گرفتارين وسيلي روڪي رهي آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن پ پ حڪومت واقعي سنڌ جي ورهاڱي جي مخالف آهي ته پوءِ سنڌ جي وحدت، بقاءَ ۽ جاگرافيائي سلامتي لاءِ آواز اٿاريندڙ سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ بدران سندن جمهوري حق جو احترام ڪرڻ گهرجي. هنن چيو ته پرامن احتجاج هر شهري ۽ سياسي جماعت جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي ۽ سياسي اختلاف جو جواب پوليس، گرفتاريون ۽ ٿاڻا نه، پر سياسي دليل ۽ جمهوري عمل هجڻ گهرجي.